سڪرنڊ: اصغريہ علم وعمل تحريڪ پاڪستان يونٽ سڪرنڊ جي نئين مير ڪاروان جي چونڊ جي لاء ھڪ اھم اجلاس

سڪرنڊ:(رپورٽ ) اصغريہ علم وعمل تحريڪ پاڪستان يونٽ سڪرنڊ جي نئين مير ڪاروان جي چونڊ جي لاء ھڪ اھم اجلاس احمد عباس ريسٽورنٽ سڪرنڊ ۾ منعقد ڪيو ويو جنھن جي صدارت اصغريہ علم و عمل تحريڪ پاڪستان ضلع نوابشاھ جي صدر سيد ماجد علي شاھ ڪئي جنھن ۾ وڏي اڪثريت سان سيد علمدار نقوي يونٽ صدر منتخب ٿي ويو، پروگرام ۾ اصغريہ علم وعمل تحريڪ پاڪستان جي مرڪزي اعلي تعليم جي سيڪريٽري سيد منظور علي، اصغريہ تحريڪ ڊويزن نوابشاهه جي صدر محمد ياسين عارفي، اصغريہ اسٽوڊنٽس آرگنائزيشن پاڪستان ضلع نوابشاهه جي صدر سيد عاطف شيرازي خصوصي شرڪت ڪئي، پروگرام ۾ سيد ماجد علي آيل دوستن کي آجياڻو پيش ڪندي چيو ته اصغريہ اسلامي معاشري جي قيام واري ھدف جي حاصلات لاءِ محمد و آل محمد عہ تعليمات کي عام ڪرڻ تي عمل پيرا آهي اصغريہ پڙھيل لکيل فردن جي تربيت ڪري ھڪ مھذب معاشري جو قيام چاھي ٿي جتي عدل و انصاف ھجي اصغريہ معاشري جي اصلاح لاء مختلف طريقن سان آگاھي جا پروگرام منعقد ڪري ٿي، پروگرام ۾ چونڊن جي نگراني سيد منظور علي شاھ جن ڪئي ۽ نئين مير ڪاروان جو اعلان ڪري کانئس حلف ورتو، پروگرام ۾ محسن علي ھيسباڻي، غلام مھدي چانڊيو، عبدالستار چانڊيو، سجاد علي چانڊيو، محمد علي چانڊيو ۽ محمد بخش ڪيريو پڻ شريڪ هئا

Read Previous

لاڙڪاڻي : باقراڻي جي ڳوٺ دولت کوکر واسي شاهاڻي ذات جي عورتن، مردن ۽ ٻارڙن طرفان زيادتين خلاف احتجاج

Read Next

لاڙڪاڻي شهر جي حيدري پاڙي جي رهواسي پيرسن عورت پنهنجي گهرڀاتين سان گڏجي شڪارپور جيل ۾ قيد ڪاٽيندڙ پٽ جي آزادي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو

Most Popular