وفاقي ڪابينا ۾ تبديلي، شيخ رشيد گهرو وزير ٿي ويو

اسلام آباد: وفاقي ڪابينا ۾ تبديلي آڻڻ بعد شيخ رشيد کان ريلوي جي وزارت واپس وٺي کيس گهرو وزير بڻايو ويو آهي. وفاقي ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي تبديلي آندي وئي آهي ۽ وفاقي وزير شيخ رشيد کان ريلوي وزارت جو قلمدان واپس وٺي کيس گهرو وزارت جون ذميداريون ڏنيون ويون آهن، جڏهن ته سندس جاءِ تي اعظم سواتي کي ريلوي جي وزارت ڏني وئي آهي. اعجاز شاهه کان گهرو وزارت جو قلمدان واپس وٺي ان کي منشيات ٽوڙ جو وزير بڻايو ويو آهي. ان کان پهريان خزاني جي مشير عبدالحفيظ شيخ کي خزاني جي وفاقي وزارت جو قلمدان ڏنو ويو  آهي،ذريعن جو چوڻ آهي ته حفيظ شيخ کانپوءِ واپار جي مشير عبدالرزاق دائود ۽ صحت بابت خاص مددگار فيصل سلطان کي به 6 مهينن لاءِ وفاقي وزير ڪري سگهجي ٿو.

Read Previous

ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 55 ڄڻا فوت، ٽي هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ

Read Next

سنڌ جي وڏي وزير توهين عدالت جي نوٽيس جو جواب داخل ڪرائي ڇڏيو

Most Popular