سڪرنڊ : کڏھر ٿاڻي جي حد وٽ سم نالي مان ڳوٺاڻي امداد علي مگسي جو لاش هٿ آيو آھي

سڪرنڊ رپورٽ اڪڀرملاح سڪرنڊ ڀرسان کڏھر ٿاڻي جي حد وٽ سم نالي مان ڳوٺاڻي امداد علي مگسي جو لاش هٿ آيو آھي مقامي ڳوٺاڻن جي اطلاع تي کڏھر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تعلقي اسپتال سڪرنڊ آندو، جتي فوتي جي سڃاڻپ سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ ڇپر خان کوسو جي رھواسي امداد علي مگسي طور ڪئي وئي هوڏانهن سندس وارثن جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل شخص مرگهي جو مريض ھو ۽ ذهني طور درست نه ھو گذريل ڏينهن کان گم ھو اسان کي به اچانڪ سندس موت جي خبر ملي آهي اسان جي ڪنهن سان ڪابه دشمني ناهي، جڏهن ته ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي

Read Previous

سکر : شھرين کان ٺڳي ذريعي اربين رپيا وٺي فرار ٿي ويل ٽولي جي گرفتار عالم زيب کي آزاد ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاج

Read Next

ڳڙھي خيرو : 13 ڊسمبر تي لاهور ۾ پي ڊي ايم طرفان ٿيندڙ نااهل حڪومت خلاف جلسو آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو: اسدالله حيدري

Most Popular