سکر : شھرين کان ٺڳي ذريعي اربين رپيا وٺي فرار ٿي ويل ٽولي جي گرفتار عالم زيب کي آزاد ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاج

سکر(رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ) سکر جي شھرين کان ٺڳي ذريعي اربين رپيا وٺي فرار ٿي ويل ٽولي جي گرفتار عالم زيب کي آزاد ڪرڻ واري عمل خلاف سکر جي واپاري۔ سياسي ۔سماجي اڳواڻن ۽ شھرين جي وڏي انگ سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري اي سيڪشن ٿاڻي پوليس ۽ ٺڳن خلاف ڇتي نعري بازي ڪئي ان موقعي تي الله داد بوزدار۔خورشيد ميراڻي۔اعظم ميمڻ۔ آغا عارف خان دراني۔ثاقب شيخ۔عدنان راجپوت۔اعظم خان۔احسان نوناري ۽ ٻين چيو ته فراڊ ذريعي سکر جي شھرين کان لالا جهانزيب۔لالا عالم زيب۽ مشتاق مختلف ڪمپنيون لالا جهانزيب اينڊ برادرز۔عمر جان اينڊ ڪو کولي شھرين کان اڍائي ارب رپيا وٺڻ بعد فرار ٿي ويا آھن جڏهن ته هڪ جوابدار عالم زيب کي اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس هٿان گرفتار ڪرايو هو جنهن کي به پوليس وڏي رشوت عيوض آزاد ڪري ڇڏيو آھي پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آھي ڪيترا ئي ڪيس داخل هجڻ باوجود پوليس ٺڳن خلاف ڪاروائي به پئي جنهن سبب شھرين جا اربين رپيا ٻڏي ويا آھن مظاهرين وزيراعظم پاڪستان۔چيف جسٽس آف پاڪستان ۔سنڌ جي وڏي وزير۔آء جي سنڌ ۽ ٻين اختيارن کان گهر ڪئي آھي ته جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪرائي وصول ڪيل رقم واپس ڏياري پرشاني کان بچايو وڃي۔

Read Previous

نوشھروفيروز جي مشھور نعت خوان شاھنواز چنه جي ارڙھين سالگرھ جو ڪيڪ ريشم ۾ ڪاٽيو ويو

Read Next

سڪرنڊ : کڏھر ٿاڻي جي حد وٽ سم نالي مان ڳوٺاڻي امداد علي مگسي جو لاش هٿ آيو آھي

Most Popular