ڳڙھي خيرو : 13 ڊسمبر تي لاهور ۾ پي ڊي ايم طرفان ٿيندڙ نااهل حڪومت خلاف جلسو آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو: اسدالله حيدري

ڳڙھي خيرو(رپورٽر:اسدالله لغاري)13 ڊسمبر تي لاهور ۾ پي ڊي ايم طرفان ٿيندڙ نااهل حڪومت خلاف جلسو آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو, اسدالله حيدري ھاڻي حڪومت جي خاتمي سان عوام سک جو ساهه کڻندو، مولانا سليم الله بروهي تفصيل موجب، جمعيت علماء اسلام سٽي ڳڙھي خيرو جو اجلاس مدرسه باب الھدیٰ ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ سرپرست اعلیٰ مولانا خالقداد بروهي, تعلقه امير مولانا سليم الله بروهي,مولانا شفيع محمد همايوني, سٽي امير اسدالله حيدري, جنرل سيڪريٽري جان محمد جمالي, پريس سيڪريٽري عرفان علي لهر, محمد الياس بروهي سميت وڏي انگ ۾ ڪارڪنن شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته 13 ڊسمبر تي لاهور ۾ پي ڊي ايم طرفان ٿيندڙ جلسو نااهل حڪومت خلاف آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو هن وقت حڪومت به پريشاني جو شڪار آھي جو ڪجه ڏينهن پهريان مينار پاڪستان ۾ پاڻي ڇڏي ڏنو هو انهن وڌيڪ چيو ته جيڪو وزيراعظم اٽي ۽ کنڊ جي اگهن تي ڪنٽرول نه ڪري سگهي انکي حڪومت ڪرڻ جو ڪو به حق ناهي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته مشڪل سان اھڙو ملڪ ھوندو جتي 200 سيڪڙو انساني زندگيءَ بچائڻ واريون دوائن جا اگھ وڌيا ھجن. ھنن چيو ته ڳريون ٽيڪسون مڙھي ڪري ھر شيء کي انتهائي مھانگو ڪري عوام جي چيلهه ڀڳي وئي آهي ھاڻي حڪومت جي خاتمي سان عوام سک جو ساهه کڻندو. آخر ۾ شيخ الحديث مفتي زرولي خان رح جي درجات جي بلندي ۽ پي ڊي ايم جلسه لاهور جي ڪاميابي لاء دعا پڻ گهري وئي.

Read Previous

سڪرنڊ : کڏھر ٿاڻي جي حد وٽ سم نالي مان ڳوٺاڻي امداد علي مگسي جو لاش هٿ آيو آھي

Read Next

سڪرنڊ شھر جي وارڊ نمبر 4 جي رھواسي ٻن ڀائرن سان گڏ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو

Most Popular