سانگهڙ: ايريگيشن کاتي جي ننڍن ملازمن جو يونين اڳواڻ تي پئسا کائڻ جو الزام

سانگهڙ( رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي) ايريگيشن کاتي جي ننڍن ملازمن جو يونين اڳواڻ تي پئسا کائڻ جو الزام، الشهباز ورڪر يونين ڊرينج ڊويزن سانگهڙ جي اڳوڻي اڳواڻ علي بخش مهر تي مبينا طور ملازمن جا لکين روپيه هڙپ ڪرڻ خلاف ملازمن جو احتجاجي مظاهرو، اينٽي ڪرپشن آفيس تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ايريگيشن کاتي جي ملازمن ۽ الشھباز ورڪر يونين جي اڳواڻن محمد علي ڳوراهو، امان الله ڏاهري، زيشان حيدر هنڱورو ، دين محمد مري، اعجاز علي زرداري، محمد سومر خاصخيلي، محمد حسن وساڻ ۽ ٻين چيو ته اڳوڻي جرنل سيڪرٽري علي بخش مهر ننڍن ملازمن کان نوڪريون وٺي ڏيڻ ۽ ملازمن جي بند پيل آئيڊيز کولرائڻ جي لاءِ لکين روپيه وٺي ويو. ملازمن جو ڪم به نه ٿيو. هاڻ پيسا گهرڻ تي مختلف ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي هنن چيو ته اقبال لاڙڪ آل ٽريڊ يونين سنڌ جو جرنل سڪرٽري جيڪو رٽائر ملازم آهي جنهن سان ملي علي بخش مهر ۽ اقبال لاڙڪ ملازمن سان ٺڳي ڪري لکين روپيه ھڙپ ڪيا آهن هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته لکين روپيه هڙپ ڪندڙ علي بخش مهر کان لکين روپيه رڪور ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي

Read Previous

سڪرنڊ شھر جي وارڊ نمبر 4 جي رھواسي ٻن ڀائرن سان گڏ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو

Read Next

ڪشمور : گڊو ۾ شاهوالي پوليس خلاف احتجاج

Most Popular