ڪشمور : گڊو ۾ شاهوالي پوليس خلاف احتجاج

ڪشمور (رپورٽ اعجاز احمد چنہ ) گڊو ۾ شاهوالي پوليس خلاف احتجاج سنڌ-پنجاب سرحدي پٽي تي لڳ ڳوٺ بجار جي رهواسين جو پنجاب پوليس جي بنا جواز چڙهائي خلاف احتجاج ڪيو ، شاهوالي پوليس خلاف نعريبازي ڪئي سندس چوڻ هو ته شاهوالي پوليس اسانجي 13 سالن جي ٻارڙي ، 3 ٻڪرين ، 2 رڍن ، سميت ٽريڪٽر ۽ قيمتي سامان اسان جي گهر مان کڻي ويا آهن ، اسان عدالت کي به معاملي جي جاچ جي درخواست ڏني آهي اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي ۽ پوليس خلاف ڊپارٽمنٽل ڪارروائي ڪرائي وڃي احتجاج ڪندڙن جو مطالبو ڪيو ڳوٺاڻن رمضان مزاري عرف نينگر مزاري ، شريف مزاري ، لياقت مزاري جي اڳواڻي ۾ پنجاب پوليس جي زيادتي ۽ پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو ۽ شاهوالي پوليس خلاف نعرا هنيا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي نينگر مزاري چيو ته شاهوالي ايس ايڇ او شمس لودھي پوليس جي وڏي نفري سان گڏ ڪجهه ڏينهن اڳ اسان جي گهرن ۾ ڪاهي پئي ۽ چادر ۽ چار ديواري جي تقدس کي پامال ڪيو ۽ زبردستي گهر ۾ داخل ٿيا ۽ اسانجي ٻارن تي تشدد ڪيو ، شاهوالي پوليس اسان جي گهر مان 3 بڪريون ، 2 رڍون ۽ قيمتي سامان سميت 13 سال جو ٻار ٻانهو مزاري کي جبري طور کنڀي کڻي وئي آهي ، پوليس ٻار جي واپسي لاءِ اسان کان وڏي رقم جو مطالبو ڪري رهي آهي. اسان پنهنجي پٽ ۽ سامان واپس وٺڻ لاءِ ڊي ايس پي روجهاڻ مزاري وٽ وڃي وڃي ٿڪجي پيا هون ، پر اسان جي هڪ به نٿي ٻڌي وڃي ، اسان کي خطرو آهي ته اسان جي ٻار کي ڪنهن جعلي پوليس مقابلي ۾ ماريو نه وڃي اسين پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ، آءِ جي پنجاب ۽ ٻين اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪيون ٿا ته اسان جي ڪيس جي جاچ ڪري انصاف ڏنو وڃي ، ٻار کي فوري طور آزاد ڪرايو وڃي ، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو …

Read Previous

سانگهڙ: ايريگيشن کاتي جي ننڍن ملازمن جو يونين اڳواڻ تي پئسا کائڻ جو الزام

Read Next

سانگهڙ جي شهمير پنهور ڪالوني جي رهواسين ۽ سڄاڻ ڌرين جو ميونسپل انتظاميه سانگهڙ جي نااهلي خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو

Most Popular