سڪرنڊ شھر جي وارڊ نمبر 4 جي رھواسي ٻن ڀائرن سان گڏ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو

نوابشاهه (رپورٹ:دانش حیدر) سڪرنڊ شھر جي وارڊ نمبر 4 جي رھواسي ٻن ڀائرن عبدالعزيز چوھاڻ ۽ عبدالرزاق چوھاڻ پنھنجي پٽن عبدالقيوم چوھاڻ، عبدالغفار چوھاڻ ۽ ٻين سان گڏ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان جي ذات جو چڱو مڙس غلام نبي چوھاڻ ۽ ملوڪ چوھاڻ اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، ھنن چيو ته اسان جي والد طالب چوھاڻ کي وڏيري غلام نبي چوھاڻ ۽ ملوڪ چوھاڻ بليڪ ميل ڪري ان کا ڏيڍ ڪروڙ ڪاروبار لاءِ ورتو آھي جيڪو ھو واپس ڪرڻ بجاءِ اسان جي والد کان اسان جي خلاف ڪوڙا بيان ڏئي رھيو آھي ۽ اسان کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي، ھنن چيو ته عدالت ۾ پڻ اسان جي خلاف زبردستي والد کان تحفظ جي درخواست ڏياري جڏهن ته اسان جو والد سان ڪوبه جھيڙو ناھي ۽ اسان والد جي اڄ به عزت ڪيون ٿا، ھنن چيو ته وڏيرو غلام نبي ۽ ملوڪ چوھاڻ اسان جي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏين ٿا جڏھن ته انھن مان اسان کي جان جو خطرو آھي، ھنن چيو ته اسان کي ڪجھه به ٿيو ته ان جا ذميوار وڏيرو غلام نبي چوھاڻ ۽ ملوڪ چوھاڻ ھوندا، ھنن آئي جي سنڌ، ڏي آئي جي ، ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته وڏيري غلام نبي چوھاڻ ۽ ملوڪ چوھاڻ خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

Read Previous

ڳڙھي خيرو : 13 ڊسمبر تي لاهور ۾ پي ڊي ايم طرفان ٿيندڙ نااهل حڪومت خلاف جلسو آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو: اسدالله حيدري

Read Next

سانگهڙ: ايريگيشن کاتي جي ننڍن ملازمن جو يونين اڳواڻ تي پئسا کائڻ جو الزام

Most Popular