راولپنڊي: گنج منڊي ٿاڻي ويجهو ڌماڪو، پنجويهه ڄڻا زخمي

راولپنڊي:  گنج منڊي ٿاڻي جي سامهون فلٽريشن پلانٽ ويجهو ٿيندڙ ڌماڪي ۾ 25 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. رپورت موجب راولپنڊي جي علائقي  گنج منڊي ٿاڻي ويجهو نامعلوم ماڻهو دستي بم اڇلي فرار ٿي ويا. جنهن جي اطلاع ملندي  ئي پوليس جي وڏي نفري، بم ڊسپوزل اسڪواڊ جو عملو ۽ ريسڪيو ٽيمون موقعي تي پهچي ويون ۽ عوام جي لاءِ رستا بند  ڪيا ويا.  ريسڪيو 1122 جي ترجمان موجب دستي بم ڪجهه دير کان پوءِ ڦاٽي پيو  جنهن سبب ڌماڪي ۾ 25 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن مان 3 ڄڻن کي موقعي تي  ئي طبي امداد ڏئي گهر اماڻيو ويو جڏهن ته باقي 22 ڄڻن کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.  گنج منڊي ٿاڻي جي ايس ايڇ او جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته ڌماڪو گنج منڊي ٿاڻي جي سامهون فلٽريشن پلانٽ ويجهو ٿيو آهي.  ڌماڪي کان پوءِ حادثي واري هنڌ  ويجهو سموري علائقي ۾ گهيري ۾ وٺي سرچ آپريشن شروع ڪري ڏنو آهي. جڏهن ته پوليس ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ جو عملو ڌماڪي جي نوعيت ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. سي پي او راولپنڊي احسن يونس صحافين سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته شهر ۾ 10 ڏينهن جي دوران هي ٻيون ڌماڪو آهي. پهريون ڌماڪو پيرودهائي ۽ ٻيون اڄ گنج منڊي ۾ ٿيو. ٻئي ڌماڪا ٿاڻي جي ويجهو ٿيا آهن. جڏهن ته ڳجهن ادارن طرفان شهر ۾ دهشتگردي  جون رپورٽون به موجود آهن پر پيرودهائي بم ڌماڪي جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. گنج منڊي ۾ ڌماڪي جي نوعيت جو فوري طور تي ڪجهه به ناهي ٻڌايو ويو.

Read Previous

پي ڊي ايم جلسو: مريم نواز، فضل الرحمان ۽ بلاول ڀٽو مينار پاڪستان پهچي ويا

Read Next

جلسي ۾ ڪنهن به قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي ان خلاف سخت ڪارروائي ڪنداسين: عثمان بزدار

Most Popular