پي ڊي ايم جلسو: مريم نواز، فضل الرحمان ۽ بلاول ڀٽو مينار پاڪستان پهچي ويا

لاهور: مينار پاڪستان گرائونڊ ۾ پي ڊي ايم جو حڪومت خلاف پاور شو جاري آهي. مريم نواز، مولانا فضل الرحمان ۽ بلاول ڀٽو به جلسي گاهه پهچي ويا آهن. اڄوڪي جلسي ۾ تحريڪ جي ايندڙ مرحلي جو اعلان ڪيو ويندو. جلسي ۾ پي ڊي ايم جي اتحاد ۾ شامل پارٽين جا اڳواڻ ۽ مرڪزي اڳواڻ به شرڪت ڪري رهيا آهن جلسي کي مسلم ليگ(ن) جو اڳواڻ نوازشريف وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندو. حڪومت پي ڊي ايم جي جلسي جي باضابطه اجازت ناهي ڏني ۽ ان حوالي سان امن امان کي قابو ۾ رکڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.  پ پ پنجاب جي صدر قمرزمان ڪائره اڄوڪي جلسي جي حوالي سان چيو آهي ته لاهور جا جيالا پ پ چيئرمين جو بهترين استقبال ڪندا. جلسو حڪمرانن جون ننڊون اڏائي ڇڏيندو.  هن چيو ته عوام اڄ ڪٺ پتلي حڪمرانن کي الوداع چوڻ ايندا. لاهور اڄ مهانگائي غربت ۽ بيروزگاري کان ڇوٽڪاري لاءِ عوام جو سمنڊ نڪري آيو آهي.  واضح رهي ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سياسي جلسي جي سرڪاري طرح تي ڪيمرن ذريعي مانيٽرنگ ڪئي پئي وڃي. ڊي سي آفيس ۾ ڪنٽرول قائم قائم ڪري رينجرز جي ٻن ڪمپنين کي گهرايو ويو آهي. پهرين مرحلي ۾ ايمرجنسي جي صورت ۾ رينجرز جا جوان چارج سنڀاليندا.

Read Previous

حڪومت اڳ ئي اپوزيشن جون ڳالهيون ڪري ھا ته اڄ اھڙيون حالتون ن ھجن ھا جڏھن اپوزيشن حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ چاھي پئي: خورشيد احمد شاھ

Read Next

راولپنڊي: گنج منڊي ٿاڻي ويجهو ڌماڪو، پنجويهه ڄڻا زخمي

Most Popular