جلسي ۾ ڪنهن به قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي ان خلاف سخت ڪارروائي ڪنداسين: عثمان بزدار

لاهور:  پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار چيو آهي ته پي ڊي ايم جي جلسي دوران قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. پي ڊي ايم جي جلسي تي رد عمل ڏيندي پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار چيو ته ڪرپشن جا مينار بيهاريندڙ ڪهڙي منهن سان جلسا ڪندا. مينار پاڪستان وٽ پاڪستان کي ڦريندڙن جو ڪٺ ناڪامي جو شڪار ٿيندو. پنجاب جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته اپوزيشن کي عوام رد ڪري چڪي آهي. اپوزيشن جو نه ڪو ويزن آهي ۽ نه ئي وري انهن کي عوام جو خيال آهي. پي ڊي ايم کي ڪرپشن بچايو ۽ ڪورونا کي پکيڙيو واري ايجنڊا تحت ياد رکيو ويندو. عثمان بزدار جو چوڻ هو ته پي ڊي ايم جي منفي سياست کي عوام سڃاڻي چڪي آهي. هنن جو هر جلسو ناڪام ٿي رهيو آهي. ناڪامي پي ڊي ايم جو مقدر هئي، آهي ۽ رهندي اپوزيشن کي هر موڙ تي شڪست ملندي. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. هن چيو ته سڀني کي قانون جي پاسداري ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن ڪو به قانون تي عمل نه ڪندو ان جي خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.  قانون واري وزير راجه بشارت جو ان حوالي سان چوڻ هو ته اپوزيشن ٽڪراءُ چاهي ٿي پر اسان کين موقعو نه ڏينداسين. وفاقي حڪومت به رياست جي خلاف بغاوت ۽ بغاوت تي ڀڙڪائيندڙن خلاف فوري طور تي ڪارروائي جو اختيار گهرو سيڪريٽري ۽ صوبائي حڪومتن کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.  ذريعن موجب وفاقي ڪابينه ضابطه فوجداري جي سيڪشن 196 ۾ ترميم جي منظوري ڏني آهي جنهن جي تحت بغاوت جا ڪيس داخل ڪرڻ جو اختيار گهرو سيڪريٽري ۽ صوبائي حڪومتن کي ڏنو ويندو.

Read Previous

راولپنڊي: گنج منڊي ٿاڻي ويجهو ڌماڪو، پنجويهه ڄڻا زخمي

Read Next

اڄوڪو جلسو سمورا رڪارڊ ٽوڙيندو: مولانا

Most Popular