اڄوڪو جلسو سمورا رڪارڊ ٽوڙيندو: مولانا

لاهور: پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته مينار پاڪستان گرائونڊ جو جلسو سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيندو. رپورٽ موجب مقامي هوٽل ۾ ناشتي کان پوءِ مولانا فضل الرحمان پارٽي اڳواڻن سان گڏ ڳالهيون ڪيون  ڳالهين دوران راشد محمود سومرو، مولانا عبدالغفور حيدري، اڳوڻو ايم اين اي مولانا قمرالدين سميت ٻين به پارٽي اڳواڻن شرڪت ڪئي.  پارٽي اڳواڻن مولانا فضل الرحمان کي اچوڪي جلسي جي تيارين ۽ مختلف شهرن مان ايندڙ قافلن جي تفصيل کان آگاهه ڪيو جنهن تي پي ڊي ايم اڳواڻ جو چوڻ هو ته ڪارڪنن سمورا حڪومتي حربا ناڪام بنائي ڇڏيا آهن. اڄ مينار پاڪستان گرائونڊ ۾ ٿيندڙ جلسو سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيندو.

Read Previous

جلسي ۾ ڪنهن به قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي ان خلاف سخت ڪارروائي ڪنداسين: عثمان بزدار

Read Next

پاڪستاني اداڪاره ماهره خان ڪورونا وائرس جو شڪار

Most Popular