پاڪستاني اداڪاره ماهره خان ڪورونا وائرس جو شڪار

لاهور: پاڪستاني اداڪاره ماهره خان جو ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچي ويو آهي جنهن جي هن سوشل ميڊيا تي به تصديق ڪري ڇڏي آهي.  هن  انسٽاگرام تي لکيو آهي ته مان تمام جلد ٺيڪ ٿي ويندس. مهرباني ڪري ماسڪ پايو ۽ ٻئي ايس او پيز تي عمل ڪريو پنهنجي ۽ ٻين لاءِ. ياد رهي ته ماهره خان کي تازو ئي دنيا جي 100 بااثر ترين عورتن ۾ شامل ڪيو ويو آهي هن تازو ئي پنهنجي فلم نيلوفر جي شوٽنگ مڪمل ڪئي آهي هن فلم ۾ ماهره خان سان گڏ فواد خان به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي.  اداڪاره ماهره خان ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچڻ کان پوءِ پاڻ کي قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي ۽ مداحن کان دعائن جي اپيل ڪئي آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ اداڪاره نيلم منير جو ڪورونا ٽيسٽ به هاڪاري آيو هو ۽ هن پنهنجو پاڻ کي قرنطينه ڪري ڇڏيو هو. هن ڪورونا کي خطرناڪ وائرس قرار ڏيندي مداحن کي سمورين حفاظتي تدبيرن تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي. اداڪاره چيو ته هر ڪنهن کي فيس ماسڪ پائڻ سميت ٻئي ايس او پيز تي عمل ڪرڻ گهرجي.

Read Previous

اڄوڪو جلسو سمورا رڪارڊ ٽوڙيندو: مولانا

Read Next

بابر اعظم نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز کان ٻاهر ٿي ويو

Most Popular