بابر اعظم نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز کان ٻاهر ٿي ويو

بابر اعظم

لاهور: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم نيوزيلينڊ جي خلاف ٽي 20 انٽرنيشنل سيريز کان ٻاهر ٿي ويو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته بابر اعظم پنهنجي کاٻي هٿ جي آڱوٺي ۾ فريڪچر اچڻ کان پوءِ سيريز کان ٻاهر ٿي ويو آهي. آچر جي ڏينهن ڪوئنز ٽائون ۾ نيٽ سيشن ۾ تهرو ڊائون دوران هڪ بال بابر اعظم جي کاٻي هٿ جي آڱوٺي تي لڳو جنهن کان پوءِ کيس فوري طور تي اسپتال آندو ويو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته بابر اعظم گهٽ ۾ گهٽ 12 ڏينهن تائين پريڪٽس نٿو ڪري سگهي. پر هو ان دوران پنهنجي فزيڪل ٽريننگ جاري رکندو. ان دوران قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ميڊيڪل پينل بابر اعظم جي انجري جو جائزو ورتو وٺندو رهيو.  ان کان علاوه ٽيم جو نائب ڪپتان شاداب خان به فٽ ناهي ۽ هن به گذريل ٽريننگ سيشن ۾ صرف بيٽنگ جي پريڪٽس ڪئي هئي. ذريعن جوچوڻ آهي ته شاداب خان ٽنگن  ۾ تڪليف جو شڪار آهي ۽ ان سبب هو زمبابوي جي خلاف پاڪستان ۾ ٿيندڙ ٽي 20 سيريز ۾ به شرڪت نه ڪري سگهندو. نيوزيلينڊ خلاف سرفراز احمد ۽ حسين طلعت جي ٽي 20 اسڪواڊ ۾ واپسي ٿي آهي. محمد رضوان، حيدر علي، محمد حفيظ، افتخار احمد، خوشدل شاهه، حسين طلعت، محمد حسنين، حارث رئوف، شاهين آفريدي، عثمان قادر، وهاب رياض، فهيم اشرف، عماد وسيم ۽ عبدالله شفيق به اسڪواڊ ۾ شامل آهن. نيوزيلينڊ  پاڪستان جي خلاف ٽي 20 ۽ 2 ٽيسٽ ميچز جي ميزباني ڪندو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهريون ٽي 20 ميچ 18 ڊسمبر تي آڪلينڊ ۾ کيڏيو ويندو. ٻيون ميچ 20 ڊسمبر هيملنٽن، ٽيون ۽ آخري ميچ 22 ڊسمبر تي نيپئر ۾ کيڏيو ويندو. ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ پهريون ٽيسٽ ميچ 26 کان 30 ڊسمبر تائين ٽورنگا ۾ کيڏيو ويندو. ٻيون ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 3 جنوري کان 7 جنوري تائين ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏيو ويندو.

Read Previous

پاڪستاني اداڪاره ماهره خان ڪورونا وائرس جو شڪار

Read Next

هارين جو مودي سرڪار اڳيان جهڪڻ کان انڪار، احتجاج ۾ شدت آڻڻ جو اعلان

Most Popular