هارين جو مودي سرڪار اڳيان جهڪڻ کان انڪار، احتجاج ۾ شدت آڻڻ جو اعلان

نئين دهلي: ڀارت ۾ هارين جو مودي سرڪار جي آندل تڪراري زرعي قانون خلاف احتجاج ۾ وڌيڪ شدت پيدا ٿي وئي آهي. ڀارت ۾ مودي سرڪار جي آندل نون تڪراري زرعي پاليسين خلاف احتجاج فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي، وفاقي حڪومت ۽ هارين جي نمائندن وچ ۾ ڳالهين جو هڪ ٻيو دور به ناڪام ٿيڻ کانپوءِ احتجاج ۾ شدت آڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب هارين 14 ڊسمبر تي بک هڙتال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته سموري ڀارت جي هزارين هارين آچر کان ”دهلي هلو“ تحريڪ شروع ڪرڻ جو به اعلان ڪيو آهي.

Read Previous

بابر اعظم نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز کان ٻاهر ٿي ويو

Read Next

جي ميل ۾ هڪ ٻئي نئين فيچر جي واڌ ڪئي وئي

Most Popular