جي ميل ۾ هڪ ٻئي نئين فيچر جي واڌ ڪئي وئي

لنڊن: گوگل جي ميل ۾ هڪ ٻئي نئين فيچر جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. هاڻ صارفين جي ميل جي اندر ئي دستاويزات کي ايڊٽ ڪري سگهندا.دنيا جي مشهور ترين اي ميل سروس جي ميل ۾ هان صارفين مائيڪرو سافٽ آفس  فائلز کي گوگل ڊرائيو ۾ محفوظ ڪرڻ کان سواءِ به تبديليون ڪري سگهندا. رپورٽ موجب ان کان اڳ گوگل طرفان مائيڪرو سافٽ آفس  فائلز کي گوگل ڊرائيو ۾ محفوظ ڪرڻ کان سواءِ به تبديل ڪري سگهبو.رپورٽ موجب ان کان اڳ گوگل طرفان مائيڪرو سافٽ آفس فائلز ۾ ايڊيٽنگ جي سهولت ته ڏني وئي هئي پر ان جي لاءِ گوگل ڊرائيو جو سهارو وٺڻو پوندو هو.نئين اپ ڊيٽ کان پوءِ صارفين جي ميل جي اندر ئي دستاويزن کي اپڊيٽ ڪري سگهندا ۽ گوگل ڊرائيو تي محفوظ ڪرڻ جي ضرورت نه هوندي. يعني جڏهن ڪنهن صارف کي اي ميل ۾ ورڊ يا ايڪسل فائل ملندي ته سنگل ڪلڪ تي  هو پنهنجي مرضي سان ايڊيٽنگ ڪري سگهندا. اهڙي طرح صارفين اوريجنل اي ميل تهريڊ تي اپ ڊيٽ فائل سان گڏ واپس به موڪلي سگهندا.گوگل طرفان اهو به اعلان ڪيو ويو آهي ته هو گوگل ڊاڪس ۾ مڪس پيج سپورٽ به متعارف ڪرائي پئي وڃي. هن سپورٽ سان گڏ صارفين نئين دستاويز سان گڏ ورڊ فائلز لينڊ اسڪيپ ۽ پورٽريٽ پيج سان گڏ ايڊٽ ڪري سگهندا.

Read Previous

هارين جو مودي سرڪار اڳيان جهڪڻ کان انڪار، احتجاج ۾ شدت آڻڻ جو اعلان

Read Next

قاضي احمد : چانڊيو برادري پاران نوجوان جا قتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

Most Popular