قاضي احمد : چانڊيو برادري پاران نوجوان جا قتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

قاضي احمد رپورٽ علي نواز جتوئي ڪجھ ڏھاڙا اڳ قاضي احمد پوليس ٿاڻي جي حد ۾ واقع جمال شاھ لنڪ روڊ تي هٿيار بندن جي ڪار تي فائرنگ جي نتيجي ۾ قتل ٿي ويل ڳوٺ امير بخش چانڊيو واسي مبين چانڊيو جي قتل ڪيس ۾ نامزد مکُ جوابدار ڇهن ڏينهن گذري وڃڻ جي باوجود گرفتاري عمل ۾ ناهي اچي سگهي پوليس جي لاپرواهي سبب چانڊيو برادري وچ ۾ وڌيڪ خوني جهيڙي جو خطرو توڙي پوليس تي جوابدار ڌر سان ٻٽ بڻيل هجڻ واري مبينا الزام تحت مقتول مبين چانڊيو جي ڀاءُ وزير علي چانڊيو , فائرنگ ۾ زخمي ٿيل پ,پ هاري ڪاميٽي اڳوڻ لقمان چانڊيو ,لائق چانڊيو ۽ محراب چانڊيو سميت ٻين ڳوٺاڻن احتجاج ڪندي گهر جي گهر ڪئي آھي ڳوڻاڻن موجب قتل واري واقعي ۾ ملوث مک جوابدارن جي گرفتاري نه ڪرڻ ۾ ايس ايس پي نواب شاھ بااثر ماڻھن جي چوڻ تي رڪاوٽ بڻيل آھي پوليس 6 ڏھاڙا گذري وڃڻ جي باوجود هڪ به جوابدار کي گرفتار ڪري عدالت آڏو پيش ناهي ڪيو هنن چيو ته انصاف جا سڀ دروازا اسان مسڪين لاء بند آھن هاڻ انصاف جي اميد ڪنهن کان ڪيون 12 مهينا اڳ ٻن سڳين ڀينرن کي قتل ڪيو ويو اڃا ان ڪيس جا جوابدار ئي گرفتار نه ٿيا هئا ته وري مذڪوره جوابدارن فائرنگ اسان جو وڌيڪ ماڻھو قتل ڪيو هنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ,آرمي چيف کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آھي ته سنڌ پوليس قتل وارن واقعن ۾ ,ملوث جوابدارن کي گرفتار نه پئي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ وڌيڪ انساني جانيون موت جو شڪار بڻجي سگهن ٿيون ,,

Read Previous

جي ميل ۾ هڪ ٻئي نئين فيچر جي واڌ ڪئي وئي

Read Next

قاضي احمد : ڳوٺ سوائي راھو جي رھواسي ايڊمور پمپ وٽان سوين ڳوٺاڻن احتجاجي ريلي ڪڍي

Most Popular