لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي حد نئون بس اسٽان واري علائقي ۾ قائم موٽر گئريج جي هڪ دڪان جا تالا گذريل رات نامعلوم چور ڀڃي لکين روپين جو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي حد نئون بس اسٽان واري علائقي ۾ قائم موٽر گئريج جي هڪ دڪان جا تالا گذريل رات نامعلوم چور ڀڃي لکين روپين جو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا. ان سلسلي ۾ متاثر دڪاندار طرفان چوري ٿيل سامان جي واپسي لاءِ آٽوز اينڊ ليبر گئريج ايسوسيئيشن جي اڳواڻن سان گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي متاثر دڪاندار ثناءُ الله بروهي ايسوسيئيشن جي اڳواڻن ذوالفقار کهڙو، امين قادري، عبدالغني مغل، محبوب عمراڻي ۽ ٻين سان گڏجي ميڊيا آڏو دانهيو ته گذريل رات دير سان نامعلوم چورن منهنجي موٽر گئريج جي دڪان تالا ڀڃي دڪان ۾ پيل ويگن جي انجڻ ۽ ٻيو سامان چوري ڪري ويا آهن، جنهن سامان جي ماليت 3 لک روپيا کان به مٿي آهي، اهڙي واقعي جو اطلاع حد جي وليد ٿاڻي تي ڏنو آهي، پر پوليس هن وقت تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو. هن چيو ته مختلف وقتن تي اڳ به ڪيترن ئي دڪانن مان چوريون ٿيون آهن، جن جون شڪايتون متاثر دڪان مالڪن طرفان پوليس سان ڪيون ويون آهن، پر افسوس جو پوليس اهڙن واقعن کي روڪڻ ۾ ڪو به ڪردار ادا ناهي ڪيو. هن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

Read Previous

سانگهڙ سنڌ اسان جي پياري ڌرتيءَ ماءُ آهي ۽ سنڌ ڌرتي جي تحفظ لاءِ اسان هر وقت تيار آهيون

Read Next

لاڙڪاڻي توڙي ڪراچي مان کنڀي گم ڪيل ٽن پورهيت نوجوانن جي آزادي لاءِ سندن وارثن طرفان پنهنجي پيارن جي تصويرن وارا بينر کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو

Most Popular