لاڙڪاڻي توڙي ڪراچي مان کنڀي گم ڪيل ٽن پورهيت نوجوانن جي آزادي لاءِ سندن وارثن طرفان پنهنجي پيارن جي تصويرن وارا بينر کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) لاڙڪاڻي توڙي ڪراچي مان کنڀي گم ڪيل ٽن پورهيت نوجوانن جي آزادي لاءِ سندن وارثن طرفان پنهنجي پيارن جي تصويرن وارا بينر کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ احتجاج ڪندڙ پيرسن عورت رحمت خاتون سومرو، اقصيٰ دايو، افسانه دايو ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته 29 مئي 2017ع تي لاڙڪاڻي شهر جي نظر پاڙي مان پورهيت درزي انصاف دايو کي جبري طور کنڀي گم ڪيو ويو ۽ 23 آگسٽ 2020ع تي لاڙڪاڻي واسي ٻن پورهيت ڀائرن فراز احمد ۽ شيراز سومرو کي ڪراچي جي لاسي ۽ وزير ڳوٺن مان کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جن جو هن وقت تائين ڪو ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو، جڏهن ته نوجوانن جي کنڀجڻ کان پوءِ اسان جي گهرن ۾ سخت پريشاني واري لهر ڇانيل آهي. هنن چيو ته کنڀي گم ڪيل 3 نوجوان ڪنهن به ڏوهاري سرگرمي ۾ ملوث نه آهن ۽ نه ئي سندن مٿان ڪو ڪيس وغيره داخل آهي، پر تنهن جي باوجود به اسان جي پيارن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جيڪا سراسر ناانصافي آهي. هنن وس وارن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته خدارا معاملي جو نوٽيس وٺي اسان جي پيارن کي آزاد ڪرائي ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.

Read Previous

لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي حد نئون بس اسٽان واري علائقي ۾ قائم موٽر گئريج جي هڪ دڪان جا تالا گذريل رات نامعلوم چور ڀڃي لکين روپين جو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا

Read Next

لاڙڪاڻي شهر جي غلام ڀٽو پاڙي ۾ 8 مهينا اڳ پوليس جي مبينا تشدد ۾ فوت ٿي

Most Popular