سانگهڙ سنڌ اسان جي پياري ڌرتيءَ ماءُ آهي ۽ سنڌ ڌرتي جي تحفظ لاءِ اسان هر وقت تيار آهيون

سانگهڙ( رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي) سانگهڙ سنڌ اسان جي پياري ڌرتيءَ ماءُ آهي ۽ سنڌ ڌرتي جي تحفظ لاءِ اسان هر وقت تيار آهيون. ۽ سنڌ جي تحفظ لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ حاضر آهيون. جيڪو به پاڪستان ۽ سنڌ ڌرتي جو دشمن آهي اهو غدار آهي. سنڌ کي تقسيم ڪرڻ وارا کن کهولي ٻڏڻ ته هن جا وارث موجود آهن. انهن خيالن جو اظهار آل سنڌي پٽاڻ يوٿ ضلع سانگهڙ جي طرفان سانگهڙ ۾ سنڌي اجرڪ ٽوپي ڪلچرل جي حوالي سان ٿيل هڪ تقريب جي موقعي تي خطاب ڪندي آل سنڌي پٽاڻ يوٿ ضلع سانگهڙ جي پگدار ڊاڪٽر شاهد خان آفريدي. جنرل سيڪريٽري لا لا انور خان خٹک. رضا خان. عمر خان خٽڪ، جمعہ خان خروثي. حاجي محمد ڪريم خان. کمال خان پٹھان. خداداد خان سليمان خيل. قاري سيد شاھ نواز بخاري. نجيب الله خان ايڊوڪيٽ. صابر خان. رشيد خان خٹک. پريس ڪلب سانگهڙ جي صدر محمد حسن لانڊر. لال خان بلوچ. علي رضا شر ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ رهندڙ سڀ پٽاڻ پنهنجي پاڻ کي سنڌي سمجهڻ ٿا ۽ سنڌ ڌرتي سان محبت ڪن ٿا. آل سنڌي پثاڻ يوٿ سنڌ جي قايد آغا سراج دراني ۽ صوبائي صدر آغا اسد بابر پٹھان جي قيادت ۾ سنڌي پثاڻ متهد آهن. ان موقعي تي تعلقي ٽنڊو آدم جي نو منتخب پگدار نجيب الله خان جدون ايڊوڪيٽ. ناہب پگدار صابر خان ۽ٻين پنهنجي عهدي جو حلف کنيو. پروگرام جي آخر ۾سنڌي. پشتو لوڪ گيتن تي سنڌي ٽوپي اجرڪ سان والہانہ انداز ۾ رقص ڪيو ويو. پروگرام ۾ سجي ضلع جي سنڌي پختون برادري. سنڌ ترقي پسند پارٽي. پي ٽي آئي. سميت ٻين مختلف برادرين جي ماڻهن وڊي تعداد ۾ شرڪت ڪئي

Read Previous

لاڙڪاڻي : گذريل 10 ڊسمبر تي بااثرن جي تشدد توڙي تذليل جو شڪار ٿيل نوجوان کي انصاف ڏيارڻ لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو

Read Next

لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي حد نئون بس اسٽان واري علائقي ۾ قائم موٽر گئريج جي هڪ دڪان جا تالا گذريل رات نامعلوم چور ڀڃي لکين روپين جو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا

Most Popular