فلم ”ڪپتان“ ۾ جمائمه جو ڪردار ڪنهن وٽ آهي؟

لاهور: وزيراعظم عمران خان جي زندگيءَ تي ٺهندڙ فلم”ڪپتان“ ۾ اداڪاره سعيده امتياز جمائمه جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. عمران خان جي زندگيءَ تي ٺهندڙ فلم”ڪپتان“ ۾ ان جي اڳوڻي زال جمائمه جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪاره سعيده امتياز پنهنجي انسٽاگرام تي اڪائونٽ تي تصوير شيئر ڪئي آهي. سعيده امتياز جمائمه جي ڪردار ۾ پنهنجي تصوير شيئر ڪرڻ سان گڏ ڪيپشن لکيو ته” سردي جو عالم هو جو نيٽ جي لباس ۾ منهنجي قلفي ڄمي رهي هئي ۽ هٿن پيرن ساٿ ڏيڻ ڇڏي ڏنو هو. تصوير ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اداڪاره سعيده امياز هوبهو جمائمه جهڙي لڳي رهي آهي. فلم”ڪپتان“ ۾ مرڪزي ڪردار اداڪار ۽ ماڊل عبدالمنان ۽ سعيده امتياز، نويد اڪبر ۽ عثمان عالم ادا ڪيا آهن.

Read Previous

آمريڪي صدارتي چونڊون: جوبائيڊن جي فتح جو باقاعده اعلان ٿي ويو

Read Next

مارشل آرٽس فائٽر راشد نسيم جو هڪ ٻيو ڪارنامو

Most Popular