آمريڪي صدارتي چونڊون: جوبائيڊن جي فتح جو باقاعده اعلان ٿي ويو

واشنگٽن: آمريڪي اليڪشن ڪميشن صدارتي چونڊن ۾ ڊيموڪريٽڪ اميدوار جوبائيڊن جي فتح جو باقاعده اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ٽي نومبر تي ٿيل صدارتي چونڊن جي سمورين 50 رياستن ۽ ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا صدارتي چونڊن جي نتيجن جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن جي نتيجن موجب ڊيموڪريٽس 8 ڪروڙ 13 لک جڏهن ته ري پبنلڪنز 7 ڪروڙ 42 لک ووٽ حاصل ڪيا. نتيجن موجب جوبائيڊن کي 538 اليڪٽرل ووٽن مان 306 جڏهن ته ٽرمپ 232 اليڪٽرل ووٽ حاصل ڪيا. نئين چونڊيل آمريڪي صدر جوبائيڊن 20 جنوري 2021 تي واشنگٽن ڊي سي ۾ ٿيل تقريب دوران پنهنجي عهدي جو قسم کڻندو. 

Read Previous

ڀارت جي ڪنٽرول لائين تي هڪ دفعو ٻيهر ڇتي فائرنگ، پنجيتاليهه ساله شهري زخمي

Read Next

فلم ”ڪپتان“ ۾ جمائمه جو ڪردار ڪنهن وٽ آهي؟

Most Popular