مارشل آرٽس فائٽر راشد نسيم جو هڪ ٻيو ڪارنامو

ڪراچي: ڪراچي سان تعلق رکندڙ مارشل آرٽس فائٽر راشد نسيم هڪ ٻيو عالمي ريڪارڊ ٺاهيندي مجموعي طور تي 63 عالمي ريڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتا. گنيز ورلڊ سالگرهه جي موقعي تي هڪ ٻيو ريڪارڊ منظور ٿي ويو، راشد جو سال 2020 ۾ پاڪستان لاءِ 19 هون ريڪارڊ ٿي ويو جنهن کانپوءِ ريڪارڊز جو انگ 63 ٿي ويو. هن 63 هون عالمي ريڪارڊ 3 منٽ ۾ 10 ڪلو وزن سان 131 ڪڪس هڻي ٺاهيو، گنيز انتظاميا جو شرط گهٽ ۾ گهٽ 100 ڪڪس هڻڻيون هيون، راشد نسيم جو چوڻ آهي ته پاڪستان لاءِ ورلڊ ريڪارڊ جي سينچري ڪرڻ چاهيان ٿو.

Read Previous

فلم ”ڪپتان“ ۾ جمائمه جو ڪردار ڪنهن وٽ آهي؟

Read Next

پاڪستاني ڊاڪٽر ڪورونا جي تڪڙي سڃاڻپ لاءِ موبائل ايپ تيار ڪري ورتي

Most Popular