پاڪستاني ڊاڪٽر ڪورونا جي تڪڙي سڃاڻپ لاءِ موبائل ايپ تيار ڪري ورتي

اسلام آباد: ڪينيڊا جي شهر ٽورنٽو ۾ رهندڙ پاڪستاني ڊاڪٽر نقيب خالد ڪورونا وائرس جي تڪڙي سڃاڻپ لاءِ هڪ موبائل ايپ تيار ڪري ورتي آهي. رپورٽ موجب ڪينيڊا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر رضا بشير تارڙ ڊاڪٽر نقيب خالد کي عالمي وبا ڪورونا وائرس جي تڪڙي سڃاڻپ لاءِ تيار ڪيل موبائيل ايپ تيار ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. ڊاڪٽر نقيب خالد 1983ع ۾ ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪئي جنهن کان پوءِ هن ميڊيڪل ڊيوائسز ۽ سسٽمز جي ايجاد جو تجربو حاصل ڪري ورتو. هاڻ تازو ئي هن اهم ڪاميابي حاصل ڪندي ڪورونا وائرس جي ٽيسٽنگ جي لاءِ موبائيل ايپ تيار ڪري ورتي آهي. ڪينيڊا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر رضا بشير تارڙ اميد ظاهر ڪئي آهي ته هن ايجاد جي ذريعي ڪورونا جي ٽيسٽنگ ۾ تمام گهڻي آساني پيدا ٿيندي. ڊاڪٽر نقيب خالد طرفان تيار ڪيل اها ايپ مستقبل ۾ ايپ اسٽور مان ڊائون لوڊ ڪري سگهبي.

Read Previous

مارشل آرٽس فائٽر راشد نسيم جو هڪ ٻيو ڪارنامو

Read Next

نوشھروفيرو : ڀريا پوليس هٿان مبينه طور ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيل شاگرد شفيق احمد سولنگي جو والد بدستور احتجاج تي ويٺل

Most Popular