نوشھروفيرو : ڀريا پوليس هٿان مبينه طور ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيل شاگرد شفيق احمد سولنگي جو والد بدستور احتجاج تي ويٺل

نوشھروفيرو (ڊ ر) ڀريا پوليس هٿان مبينه طور ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيل شاگرد شفيق احمد سولنگي جو والد پريس ڪلب آڏو بدستور احتجاج تي ويٺل، پٽ جا قاتل گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي، پيرسن۔ خبر موجب 4 سال اڳ ڀريا پوليس هٿان مبينه طور قتل ڪيل شاگرد شفيق احمد سولنگي جي قتل ۾ ملوث پوليس اهلڪارن عبدالله اعواڻ، موسيٰ سولنگي ۽ ٻين خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي. نوجوان جي پيرسن پيءُ خان محمد سولنگي صحافين کي ٻڌايو ته رشوت جا پئسا نه ڏيڻ تان ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي منهنجي پٽ شفيق احمد سولنگي کي بيگناهه قتل ڪندڙ قاتل هن مهل تائين سرعام گهمي رهيا آهن جيڪي اسان کي ڪيس تان هٿ نه کڻڻ جي صورت ۾ موتمار ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن هن ملڪ جي عدالتن انصاف نه ڏنو ته مٿي رب جي عدالت هڪ ڏينهن ضرور انصاف ڪندي. هن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، آءِ جي سنڌ سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي پٽ جي قتل ۾ ملوث پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ مرڻ گهڙي تائين احتجاج جاري رهندو.

Read Previous

پاڪستاني ڊاڪٽر ڪورونا جي تڪڙي سڃاڻپ لاءِ موبائل ايپ تيار ڪري ورتي

Read Next

آء ھتي اپوزيشن ۾ آھيان ھڪڙو سياسي حوالي سان تڪ جي ماڻهن سان اٿڻ ويهڻ مرڻ جيئڻ آهي : ف ليگ

Most Popular