آء ھتي اپوزيشن ۾ آھيان ھڪڙو سياسي حوالي سان تڪ جي ماڻهن سان اٿڻ ويهڻ مرڻ جيئڻ آهي : ف ليگ

قاضي احمد رپورٽ علي نواز جتوئي : مسلم ليگ( ف ) تعلقي قاضي احمد جي مکُ اڳواڻ سيد آصف علي شاھ جيلاني چيو آھي ته آء ھتي اپوزيشن ۾ آھيان ھڪڙو سياسي حوالي سان تڪ جي ماڻهن سان اٿڻ ويهڻ مرڻ جيئڻ آهي ڪجھ سياسي ماڻهن کي اھا ڳالهه پسند نه ٿي اچي مون سان اڳ به اھڙا مسلا ٿيندا رھيا آهن آء سياسي ماڻهو آھيان راڄ ڀاڳ وارو آھيان مون ڪڏهن به ڪنهن جي ملڪيت تي قبضو ناهي ڪيو ڪجهه ماڻهن کي منهنجي خلاف استعمال ڪيو پيو وڃي منهنجي خلاف اڳ به کوڙ سارن ماڻهن کي استعمال ڪيو ويو آهي اھڙي عمل سان منھنجا جذبا اڃا وڌيڪ بلند ٿيندا آء عوامي ماڻهو آھيا انھن سان گڏ رھندس ـ مسلم ليگ ف تعلقي قاضي احمد جي اڳواڻ سيد آصف علي شاھ جيلاني پنهنجي پريس بيان ۾ چيو آهي ته منهنجي خلاف راهو ۽ جوڻيجا برادري جي ڪجھ ماڻھن پريس ڪانفرنس ڪري منھنجو ميڊيا ٽرائل ڪري رهيا آھن جڏهن ته حقيقت ڪجھ هينئن آهي ته مون ڏيڍ مهينو اڳ شاهد راهو نالي ھمراھ کان 35 لک رپيا في ايڪڙ جي حساب سان 6 ايڪڙ زمين خريد ڪئي هئي جنهن کانپوءِ ٻه ڏينهن اڳ مان ۽ بروڪر حبدار علي راهو انجنيئر کي وٺي اتي زمين جي ماپ ڪرائي نقشو ڪڍرايو ان وقت اهي جوڻيجا (موچي) اتي موجود هئا ۽ اسان لاءِ کٽون به کڻي آيا مان مرتبو ڏيندي ڀليڪار به ڪئي ان وقت ته هنن ڪابه ڳالهه نه ڪئي ۽ اڄ جڏهن مونکي خبر پئي ته موچين منهنجي زمين تي قبضو ڪيو آهي ته مان اتي پهتس ته ڏٺم ته هي منهنجي زمين جي اڌ ٻاري تي قبضو ڪيو ويٺا آهن مون جڏهن هنن کي زمين خالي ڪرڻ جو چيو ته موچين جو نيڪ مرد قرآن پاڪ کڻي آيو ۽ چيائين ته سائين وڪرو ڪندڙ ڌر راهون سان اسانجو فيصلو رهيل آهي توهان اسانجو فيصلو ڪيو جنهن تي مون هنن کي چيو ته ٺيڪ آهي ٻئي ڪنهن وٽ توهان جو فيصلو ڪرايون ٿا ۽ ھو راضي ٿي هليا ويا ان بعد منهنجا ڪجھ سياسي مخالف هنن کي ورغلائي مون مٿان ڪوڙا ۽ من گهڙت الزام هڻي منهنجو ميڊيا ٽرائل ڪري رهيا آهن

Read Previous

نوشھروفيرو : ڀريا پوليس هٿان مبينه طور ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيل شاگرد شفيق احمد سولنگي جو والد بدستور احتجاج تي ويٺل

Read Next

شهر جامسئلا حل نه ٿيڻ جي خلاف عملي جدوجهد جو اعلان

Most Popular