شهر جامسئلا حل نه ٿيڻ جي خلاف عملي جدوجهد جو اعلان

سجاول(رپوٽ:عتيق الرحمان کتري )شهر جامسئلا حل نه ٿيڻ جي خلاف عملي جدوجهد جو اعلان شھري اتحاد سجاول جي جنرل باڊي جي ميٽينگ صدر اڪرم ميمڻ جي صدارت ۾ ٿي گذريو ميٽينگ ۾ يونس ڀان،اعظم عمراڻي،سراج لوھار،مولوي اشرف،نظيرھٿيار ۽ ٻين شرڪت ڪئي اجلاس ۾ شھري اتحاد سجاول جي چونڊ,ڪامورن سان ٿيل ملاقات کانپوء شھر جا مسئلا حل نه ٿيڻ,جعلي ڊوميسائل,غير مقامي ماڻهن جون ڀرتيون ۽ شھري اتحاد جي لاء پوري زندگي جدوجھد ڪندڙ مرحوم چاچا عطاء الله ميمڻ جي ياد ۾ ميڙاڪو ڪوٺائڻ تي غور ڪيو ويو جنھن ۾ شھري اتحاد سجاول جي سي اي سي،رھبر ڪميٽي،اينٽي بوگس ڊوميسائل جي ميمبرن شرڪت ڪئي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سجاول جا چونڊيل نمائندا ننڊ ۾ پيل آھن ضلعي سجاول جا مسئلا کين لکت جي ذريعي ڏنا پر انھن مان ھڪ به مسئلو حل نه ٿيو آھي ضلعي ۾ غير مقامي ماڻهن جا جعلي ڊوميسائل اڃا تائين جاڙي ٿي رھيا آھن غير مقامي ماڻهن جي ڀرتين تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪيو ويو ميٽينگ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته موجوده شھري اتحاد سجاول جي باڊي جي مدت ۾ ٽن مھينن جي واڌ ڪئي وئي مارچ ۾ نئين چونڊ ۽ مرحوم چاچا عطاءالله جي ياد ۾ مارچ جي مھيني ۾ پروگرام ڪيو ويندو ۽ جعلي ڊوميسائل بابت اينٽي بوگس ڊوميسائل ڪميٽي جو اجلاس اڄ ڪوٺايو ويو آھي جنھن ۾ جاري ٿيل جعلي بوگس ڊوميسائل کي رڌ ڪرائڻ بابت حڪمت عملي جوڙي ويندي ۽ سجاول جي چونڊيل نمائندن خلاف ھن مھيني ۾ عوامي ڪانفرنس رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي.اجلاس ۾ شاداب جوڻيجو،اياز نياز ميمڻ،ماما عبدالغفور ,عتيق الرحمان کتري ,شڪيل ميمڻ،محمد حسن،نصيب الله ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

Read Previous

آء ھتي اپوزيشن ۾ آھيان ھڪڙو سياسي حوالي سان تڪ جي ماڻهن سان اٿڻ ويهڻ مرڻ جيئڻ آهي : ف ليگ

Read Next

شيرازي گروپ جي سربراھ ۽ وڏي وزير جي صوبائي صلاحڪار اعجاز شاھ شيرازي جي وفات تي سجاول پريس ۾ قرآن خواني ڪرائي وئي

Most Popular