شيرازي گروپ جي سربراھ ۽ وڏي وزير جي صوبائي صلاحڪار اعجاز شاھ شيرازي جي وفات تي سجاول پريس ۾ قرآن خواني ڪرائي وئي

سجاول(ڊر)شيرازي گروپ جي سربراھ ۽ وڏي وزير جي صوبائي صلاحڪار اعجاز شاھ شيرازي جي وفات تي سجاول پريس ۾ قرآن خواني ڪرائي وئي، جنھن ۾ اميرالبحر جي اڳواڻ ملڪ صديق ملاح، پ پ ضلعي ترجمان سورج سجاولي، سجاول پريس ڪلب جي صدر سيف الله جوڻيجو، کتري اتحاد جي عتيق الرحمان کتري،سنڌي ادبي سنگت جي اياز امر شيخ، پي ٽي آء جي ايڊووڪيٽ ممتاز علي شاھ بخاري، صحافي گلشيرملاح،بابوڪنڊرا،ماما عبدالغفور،ظھيراحمد، جاني جوڳي ۽ ٻين چيو ته شيرازي جھونو سياسي اڳواڻ ۽ بھترين انسان ھو، سندس خدمتن عيوض ٺٽي ۽ سجاول جا ھزارين ماڻھو کيس چاھين ٿا ھنن چيو ته اعجاز شاھ درويش صفت انسان ھو سندس وڇوڙي سان ٺٽي ۽ سجاول جي سياست ۾ وڏو خال پيدا ٿي ويو آھي، سندس خدمتن کي ھميشا ياد رکيو ويندو

Read Previous

شهر جامسئلا حل نه ٿيڻ جي خلاف عملي جدوجهد جو اعلان

Read Next

اسان کي زير بار ڪرڻ مختلف قسمن جون ڌمڪيون ٻارن کي اغوا ڪرڻ جا نياپا ء مارڻ جون ڌمڪيون ملن ٿيون: متاثر

Most Popular