اسان کي زير بار ڪرڻ مختلف قسمن جون ڌمڪيون ٻارن کي اغوا ڪرڻ جا نياپا ء مارڻ جون ڌمڪيون ملن ٿيون: متاثر

ميھڙ دائود مھيسر جا رھواسي عبدالرزاق چانڊيو ولد عبدالرؤف چانڊيو سرفراز چانڊيو .فقير چانڊيو . جاويد سولنگي .جواد ڳورڙ . ميان بخش چانڊيو .حاجي مختيار چانڊيو سنڌ پريس ڪلب ميھڙ پھچي دانھيندي چيو ته 7/5/2020 تي ديھ ميرپور تعلقو وارہ مان ڪڻڪ جو ان 121 مڻ ھٿيارن جي زور تي عبدالرحيم چانڊيو . عبدالڪريم چانڊيو . عبدالحليم چانڊيو . عبدالحڪيم چانڊيو . عبدالقيوم چانڊيو . عبدالفتاح چانڊيو . رياض حسين سولنگي مکڻ سولنگي ء ٽي نامعلوم ھٿيارن جي زور تي کڻي ويا آهن .جنھن جو ڪيس سيشن ڪورٽ قمبر ھليو جتان 25/8/2020 تي ڊسپوز آف ٿيو بعد ۾ اسان ھاء ڪورٽ لاڙڪاڻي۾ اپيل 22AB لاء داخل ڪئي جيڪا ھن وقت ھلندڙ آھي جوابدار ڌر اسان کي زير بار ڪرڻ مختلف قسمن جون ڌمڪيون ٻارن کي اغوا ڪرڻ جا نياپا ء مارڻ جون ڌمڪيون ان کان علاوه منهجي ڪيس م شاھدن ء مشيرن کي شاھدي ڏيڻ تي موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ منھنجي زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ ڳوٺ واري جائيداد ء اتي اسان جي پيل قيمتي سامان کڻي وڃڻ جون ڌمڪيون ڳوٺ نہ اچڻ جون ڌمڪيون ڏيندا رھن ٿا اسان ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ء ڊي ايس وارہ ء ايس ايڇ او گاجي کھاوڙ ڊي آء جي لاڙڪاڻو آء جي سنڌ ء اعلي عملدارن کي اپيل ٿا ڪيون ته منھنجي ٻارڻ ٻچن ء منھجي ملڪيت کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻئي صورت م اسان جو احتجاج جاري رهندو .

Read Previous

شيرازي گروپ جي سربراھ ۽ وڏي وزير جي صوبائي صلاحڪار اعجاز شاھ شيرازي جي وفات تي سجاول پريس ۾ قرآن خواني ڪرائي وئي

Read Next

سانگهڙ :آيس ٽي پي پي جي اڳواڻ جنرل سيڪريٽري فقير علي بخش مهر يوسف مري ايس ٽي پي ضلع صدر علي ڏنو خاصخيلي ياسين ڪٽوھڙ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو

Most Popular