نوشهروفيروز کي ميونسپل جي درجو نه ڏيڻ پوری شھر جی روشن رستن گلین م گندگی ء شھرین کی مثو پاٹی فراھم نہ کرٹ خلاف شھري ايڪشن ڪميٽي پاران احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو

نوشهروفيروز(د ر) نوشهروفيروز کي ميونسپل جي درجو نه ڏيڻ پوری شھر جی روشن رستن گلین م گندگی ء شھرین کی مثو پاٹی فراھم نہ کرٹ خلاف شھري ايڪشن ڪميٽي پاران احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن محمد يونس راڄپر، لطیف بھٹی ، رمضان مگٹیجو سچل چانڊيو، ارشاد راجپر، خالد تنیو ارشاد عباسی۽ ٻين چيو ته نوشهروفيروز شهر تاريخي حوالي سان ساهتي جو اهم شهر ۽ ضلعي هيڊ ڪوارٽر آهي. پر شهر سان اها ناانصافي جي انتها چئجي جو گذريل بلدياتي اليڪشن دوران نوشهروفيروز شهر کي ٽائون ڪاميٽي بڻائي ان م 8 وارڊ ڏيکاريا ويا جنهن جي حدن ۾ ڊسٽرڪٽ ڪورٽ، ڊسٽرڪٽ ڪامپليڪس، سيشن ڪورٽ، نادرا آفيس، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس آھي ۽ اهي يوسي ڪورحسن ۾ شامل ٿيل آهن اهڙيءَ طرح ڊي ايڇ او آفيس، ڊسٽرڪٽ اليڪشن آفيس، گورنمينٽ مدرسه هاءِ اسڪول، گرلس اسڪول، بحريا ڪاليج، اسڪارپ ايريگيشن ۽ واپڊا آفيس سميت ڪافي سرڪاري آفيسون يوسي سرحل ۾ شامل ٿيل آهن هنن چيو ته نه رڳو اهي آفيسون ۽ شهري علائقا ٽائون کان ٻاهر آهن پر هتي پيئڻ جي صاف پاڻي، ڊرينج جو نظام صحت صفائي جا مسئلا گهٽ آبادي ڏيکاري شهرين سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ويو آهي پر هتان جي عوام سان اها ويسا گهاتي آهي بجيٽ گهٽ ۽ مسئلن جا انبار وڏا آهن هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ايندڙ بلدياتي اليڪشن کان پهريان نوشهروفيروز ٽائون ڪاميٽي کي ميونسپل ڪاميٽي جو درجو ڏئي نوشهروفيروز شهرين مان بي چيني ختم ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي

Read Previous

ڪورونا کان هر ڪو ماڻھو پاڻ احتياط ڪري ته جيئن هن موذي مرض کي شڪست ڏئي سگهجي : محمد سليم جتوئي

Read Next

راڻيپور جي حالت رحم جوڳي ٿي وئي مختلف بازارين ۾ گندو پاڻي تلائن جي صورت اختيار ڪري ويو

Most Popular