ڪورونا کان هر ڪو ماڻھو پاڻ احتياط ڪري ته جيئن هن موذي مرض کي شڪست ڏئي سگهجي : محمد سليم جتوئي

سڪرنڊ رپورٽ اڪبرملاح اسسٽنٽ ڪمشر ۽ ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي ايڊمنسٽريٽر محمد سليم جتوئي چيو آهي ته ڪورونا کان هر ڪو ماڻھو پاڻ احتياط ڪري ته جيئن هن موذي مرض کي شڪست ڏئي سگهجي شهري ۽ دڪاندار ايس او پيز تي عمل ڪن ته جيئن لاڪ ڊائون کان بچي سگهجي هُو ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ ۾ الخدمت فائونڊيشن پاران صفائي واري عملي کي ڪمبل ڏيڻ واري تقريب ۾ ڳالهائي رهيو هو هن چيو ته الخدمت خدمت انسانيت ۾ پاڻ مڃرايو آهي اسين کيس چونداسين ته اڃا وڌيڪ خدمت ڪن ڇاڪاڻ جو غربت جو ريشو وڌيڪ آهي الخدمت فائونڊيشن جي صدر ڪنور راشد مڪرم چيو ته اسان پهرين ڏينهن کان وٺي جيڪا به خدمت ڪئي آهي اها بنا ڪنهن فرق جي ڪئي آهي ڇاڪاڻ مختلف شخصيتن توڙي ادارن پاران اسان تي اعتماد ڪري جيڪا رقم ڏيندا آهن اها به ڪنهن هڪ گروه ، برادري يا قوم لاءِ مخصوص نه هوندي آهي ڪوشش آهي ته اهو ساڳيو جذبو قائم هجي اڄ 40 مستحقن ۾ ڪنمبل ورهائي رهيا آهيون همدرد سپورٽ پروگرام جي چيئرمين قاضي جاويد سنائي چيو ته صفائي وارو عملو جيڪڏھن هڪ هفتو موڪل ڪري ته چڱن ڀلن کي هنن جي اهميت جي خبر پئجي ويندي پر افسوس جو اسان هڪ ته اقليت جي ڪري ٻيو صفائي عملي ڪري هنن کي حقارت جي نگاھ سان ڏسندا آهيون پر اصل ۾ حقير اهي آهي جيڪي هنن کي حقير سمجهن ٿا الخدمت هن اقليتي برادري جي چونڊ ڪري کين ڪمبل ڏئي تاريخ جوڙي آهي تقريب کي محمد صديق منگيو ، قربان علي عمراڻي ، نياز حسين لاشاري ، محمود مصطفيٰ مگسي .حاجي رفيق خانزاده ، محمد حسين سولنگي ، توصيف رحماني ، قربان چوهاڻ ، حسين بخش ڪيريو سميت ٻين پڻ ڳالهايو ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر سليم جتوئي صفائي واري عملي جي انچارج الاهي بخش سرائي بهترين خدمتن تي اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو

Read Previous

دي ايمپاور فائونڊيشن پاران منزل ريسٽورنٽ ۾ "وڌندڙ بدامني، ڪارڻ ۽ حل” جي عنوان هيٺ سينئر صحافي ۽ اديب محمد صديق منگيو جي صدارت ۾ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي

Read Next

نوشهروفيروز کي ميونسپل جي درجو نه ڏيڻ پوری شھر جی روشن رستن گلین م گندگی ء شھرین کی مثو پاٹی فراھم نہ کرٹ خلاف شھري ايڪشن ڪميٽي پاران احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو

Most Popular