راڻيپور جي حالت رحم جوڳي ٿي وئي مختلف بازارين ۾ گندو پاڻي تلائن جي صورت اختيار ڪري ويو

راڻيپور رپورٽر)راڻيپور جي حالت رحم جوڳي ٿي وئي مختلف بازارين ۾ گندو پاڻي تلائن جي صورت اختيار ڪري ويو شھرين پاران ٽائون انتظاميه خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو رپورٽ موجب راڻيپور جي شاهي بازار،ريشم گلي،هاء اسڪول روڊ ،ڀٽائي محلو پراڻو بس اسٽينڍ سميت مختلف بازارن ۾ گندو پاڻي تلائن جي صورت ۾ جمع ٿي ويو انتظاميه پاران مسلسل لاپرواهي جو مظاهرو شھر لاوارث حالت ۾ نظر اچڻ لڳو ان موقعي تي دڪاندارن،شھرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل پندرنهن ڏينهن کان گندي پاڻي جو آزار نه گهٽجي سگهيو،جنهن ڪري شھر ۾ بدبوء پکڙجي وئي آھي ان سبب جي ڪري مختلف بيماريون پکڙجي رهيون آھن ان کان علاوه ڪاروبار کي پڻ وڏو نقصان پهتو آھي اهڙي صورتحال مان عوام بيزار ٿي چڪو آھي اهڙي ناانصافي خلاف جلد ٽائون انتظاميه خلاف دڪاندار گڏجي عدالت جو دروازو کڙڪائينداسين ڇو ته ڪافي ڏھاڙن کان گندي پاڻي جي عذاب ۾ وقت گذاري رهيا آھيون وڌيڪ ناانصافي برداشت نه ڪبي ھڪ طرف ته ٽائون انتظاميه خزاني جي کوٽ ڄاڻائي ڪافي مهينن کان ملازمن جي روزي تي لت ڏئي سندن ٻچن کي بکن تي پاھ ڪري رهي آھي ته ٻئي طرف شھر جي بازارن کي گندي پاڻي ۾ ٻوڙي شھرين سان ناانصافي ڪندي انساني حقن جي لتاڙ ڪري رهي آھي جيڪا ڳالھ ناقابل برداشت آھي دڪاندارن وڌيڪ چتاء ڏيندي چيو ته عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائڻ کان پوء احتجاج جو سلسو پڻ شروع ڪيو ويندو،

Read Previous

نوشهروفيروز کي ميونسپل جي درجو نه ڏيڻ پوری شھر جی روشن رستن گلین م گندگی ء شھرین کی مثو پاٹی فراھم نہ کرٹ خلاف شھري ايڪشن ڪميٽي پاران احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو

Read Next

مورو : درگاهه پير محمد علي رح جي سجاده نشين 239 ڏينهن کان مورو پريس ڪلب آڏو انصاف لاء بک هڙتال جاري رکي

Most Popular