مورو : درگاهه پير محمد علي رح جي سجاده نشين 239 ڏينهن کان مورو پريس ڪلب آڏو انصاف لاء بک هڙتال جاري رکي

مورو ۾ درگاهه پير محمد علي رح جي سجاده نشين ۽ پاڪستان مشائخ اتحاد ڪائونسل ضلع نوشهرو فيروز جي صدر پير خير محمد صديقي 239 ڏينهن کان مورو پريس ڪلب آڏو انصاف لاء بک هڙتال جاري رکي جنهن ۾ پاڪستان مشائخ اتحاد ڪائونسل ضلع نوشهرو فيروز جي نائب صدر پير امجد علي صديقي جوائنٽ سيڪريٽري پير ماجد علي صديقي پڻ يڪجهتي طور هن احتجاج ۽ بک ھڙتال ۾ شرڪت ڪئي ۽ هر جدوجهد ۾ ساٿ ڏيڻ جو وچن ڪيو ان موقعي تي پير خير محمد صديقي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته با اثر ماڻهو درگاهه ۽ آس پاس جي زمين تي قبضا ڪري قبرون مسمار ڪري واٽر ڪورس ٺهرائي ڇڏيا آهن پراڻي ڳوٺ جا ڪوڙا ڪاغز ٺهرائي ان تي به قبضا ڪري ويا آهن مان اهڙي شڪايت کڻي مورو ۽ ضلعي انتظاميه ۽ پوليس وٽ ويس پر ڪنهن به انصاف نه ڪيو تدارڪ نه ٿيو جنهن ڪري مان پريس ڪلب آڏو بک ھڙتال تي ويٺس 239 ڏينهن گذري ويا آهن بک هڙتال تي ويٺو آهيان پر اسان جو جائز ۽ قانوني مسئلو حل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن مان هتي بک هڙتال تي ويٺو آهيان تنهن هوندي به مون کي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن هن وزير اعظم پاڪستان عمران خان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه گورنر سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته مون سان انصاف ڪيو وڃي مون کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي درگاھ جي زمين تان قبضا ختم ڪرايا وڃن با اثر ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي

Read Previous

راڻيپور جي حالت رحم جوڳي ٿي وئي مختلف بازارين ۾ گندو پاڻي تلائن جي صورت اختيار ڪري ويو

Read Next

نوابشاهه : آئي بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ جي اي ايس ٽي ۽ اي سي ٽي اميدوارن وارن آفر آرڊر جاري نه ٿيڻ واري عمل خلاف احتجاج

Most Popular