نوابشاهه : آئي بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ جي اي ايس ٽي ۽ اي سي ٽي اميدوارن وارن آفر آرڊر جاري نه ٿيڻ واري عمل خلاف احتجاج

نوابشاهه (رپورٹ:دانش حیدر)
آئي بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ جي اي ايس ٽي ۽ اي سي ٽي اميدوارن وارن آفر آرڊر جاري نه ٿيڻ واري عمل خلاف سيد صدام شاھه، معشوق ڏاھري، آصف ميرجت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي نوابشاھه پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته 2018 ۾ آئي بي اي پاران جي اي ايس ٽي ۽ اي سي ٽي استادن لاءِ ٽيسٽ جو پاسنگ ريشو 50 سيڪڙو رکيو ويو ھو ۽ ان وقت جي تعليم کاتي جي وزير سيد سردار شاهه پاران چيو ويو ھو ته 50 ۽ 50 کان مٿي مارڪون کڻندڙ سڀني اميدوارن کي ڀرتي ڪيو ويندو ليڪن ھن وقت تائين اسان کي آفر آرڊر نه ڏنا ويا آھن جيڪا انتھائي افسوس جھڙي ڳالهه آھي، ھنن مطالبو ڪيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي مطابق اسان جي آفر آرڊر ڏئي سنڌ ان استادن جي کوٽ کي پورو ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي.

Read Previous

مورو : درگاهه پير محمد علي رح جي سجاده نشين 239 ڏينهن کان مورو پريس ڪلب آڏو انصاف لاء بک هڙتال جاري رکي

Read Next

سنڌ ترقي پسند پارٽي نوابشاهه پاران ضلعي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ بعد کين گرفتار ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاج

Most Popular