ريٽائر ملازم غريب ۽ مسڪين ھوندا آھن انھن جو حق ڦٻائڻ ڪنھن کي بہ نہ ڏيندس مان جٿي بہ ھوندو آھيان

ڪوٽڏيجي رپورٽ مٺل گوپانگ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ تعلقہ ايڊمنسٽريٽر ڪوٽڏيجي ڊاڪٽر محمد مراد عباسي چيو آھي تہ ريٽائر ملازم غريب ۽ مسڪين ھوندا آھن انھن جو حق ڦٻائڻ ڪنھن کي بہ نہ ڏيندس مان جٿي بہ ھوندو آھيان اتي سڀ کان پھريان ريٽائر سرڪاري ملازمن ۽ انھن جي بيواھن کي پينشن جا رھيل پيسا سڀ کان پھريان ڏيندو آھيان ۽ انھن غريبن جي دعائن سان ئي دلي سڪون ملندو آھي اھڙو اظھار اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ تعلقہ ايڊمنسٽريٽر ڪوٽڏيجي ڊاڪٽر محمد مراد عباسي پنھجي آفيس ۾ ٽائون ڪاميٽي ڪنب جي ھڪ بيواھ عورت سميت چئن 4 ريٽائر ملازمن ۾ پنج لک رپين جا چيڪ تقسيم واري تقريب ۾ ڪيو جن ملازمن ۾ پينشن جا چيڪ ورھايا ويا انھن ۾ محمد اعظم سولنگي ، نبي داد تمراڻي، آصف۾ ھڪ ھڪ لک روپيه ۽ ھدايت علي مرحوم جي بيوه ۾ 2 لک روپين جا چيڪ شامل آھن۔ ان موقعي تي ٽائون آفيسر ڪنب تسليم رضا وساڻ ۽ پريس ڪلب ڪوٽڏيجي جو صدر سيد امام علي شاه بخاري پڻ موجود ھيو جڏھن تہ ان کان علاوہ چيڪ ورھائڻ واري تقريب ۾ پريس ڪلب جو اطلاعات سيڪريٽري فضل محمد بگٽي ۽ ڪنب پريس ڪلب جا سينيئر صحافي پڻ موجود ھئا …

Read Previous

پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال نوابشاهه ۾ ھائوس جاب ڪندڙ ڊاڪٽرياڻين چئن مھينن کان معاوضو نه ملڻ خلاف احتجاج

Read Next

سکر: شهر جي واپاري کي اڻ ڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل جوابدار فرار

Most Popular