سکر: شهر جي واپاري کي اڻ ڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل جوابدار فرار

سکر(رپورٽر) سکرشھر جي مصروف ڪاروباري علائقي سڪي تلاء ۾ اڻ ڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ سکر واسي قتل جوابدار فرار خبر موجب سکر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد سڪي تلاء امين آٽوز لڳ موٽر پارٽس خريد ڪندڙ جوان کي اڻڄاتل هٿيار بندن فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ جمالي پاڙي آدم شاه ڪالوني سکر واسي محمد علي جمالي قتل ٿي ويو جوابدار فرار ٿي ويا پوليس کي اطلاع ملڻ بعد واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي سول اسپتال آندو جتي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ۔جڏهن ته پوليس ذريعن موجب قتل جو ڪارڻ جنوجي ۾ هڪ شخص جي قتل ۾ مقتول ملوث هو ۔

Read Previous

ريٽائر ملازم غريب ۽ مسڪين ھوندا آھن انھن جو حق ڦٻائڻ ڪنھن کي بہ نہ ڏيندس مان جٿي بہ ھوندو آھيان

Read Next

صدر عارف علوي زيادتي واقعن جي روڪٿام واري آرڊيننس جي منظوري ڏئي ڇڏي

Most Popular