پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال نوابشاهه ۾ ھائوس جاب ڪندڙ ڊاڪٽرياڻين چئن مھينن کان معاوضو نه ملڻ خلاف احتجاج

پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال نوابشاهه ۾ ھائوس جاب ڪندڙ ڊاڪٽرياڻين چئن مھينن کان معاوضو نه ملڻ خلاف ڊاڪٽر دعا ڌاريجو، ڊاڪٽر دعا ڳاھوٽي، ڊاڪٽر الويرا راڄپر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊيوٽين جو بائيڪاٽ ڪري ايم ايس آفيس جي سامھون ڌرڻو ھڻي احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته گذريل چئن مھينن کان اسان جو معاوضو بند ڪيو ويو آهي ۽ پي ايم سي اسپتال نوابشاهه ۾ ڪم ڪندڙ 184 ڊاڪٽرياڻيون سخت معاشي مسئلن کي منھن ڏئي رھيون آھن، ھنن چيو ته اسان بار بار انتظاميه کي پگھارون لاءِ چيو آهي پر ڪير به اسان جي نٿو ٻڌي، ھنن چيو ته نوابشاهه پي ايم سي اسپتال سميت سول اسپتال ڪراچي ۽ لياقت اسپتال حيدرآباد ۾ ھائوس جاب ڪندڙ ڊاڪٽرياڻين کي به 8 مھينن کان پگھارون نه ڏنيون ويون آهن، ھنن چيو ته جيڪڏهن اسان کي پگھارون نه ڏنيون ويون ته اسان ڊيوٽين جو بائيڪاٽ ڪرڻ سان گڏ احتجاج جاري رکنداسين، ھنن مطالبو ڪيو ته ھائوس جاب ڪندڙ ڊاڪٽرياڻين کي پگھارون جاري ڪري انھن مان بي چيني ختم ڪئي وڃي.

Read Previous

سنڌ ترقي پسند پارٽي نوابشاهه پاران ضلعي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ بعد کين گرفتار ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاج

Read Next

ريٽائر ملازم غريب ۽ مسڪين ھوندا آھن انھن جو حق ڦٻائڻ ڪنھن کي بہ نہ ڏيندس مان جٿي بہ ھوندو آھيان

Most Popular