بلاول ڀٽو شهباز شريف سان ملاقات لاءِ ڪوٽ لکهپت جيل روانو ٿي ويو

لاهور:   بلاول ڀٽو زرداري ڪوٽ لکهپت جيل ۾ شهباز شريف سان ملاقات لاءِ روانو ٿي ويو آهي جتي  بلاول ڀٽو شهباز شريف جي امڙ شميم بيگم جي وفات تي تعزيت ڪندو.  جڏهن ته ملاقات ۾ حمزه شهباز به موجود هوندو. موجوده سياسي صورتحال جي حوالي سان شهباز، بلاول ملاقات اهميت جوڳي آهي بلاول شهباز شريف سان پي ڊي ايم جي فيصلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو ۽ استعيفائن جي معاملي تي به ان جي راءِ به پڇي ويندي. ذريعن موجب پ پ چيئرمين  بلاول ڀٽو شهباز شريف کي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو پيغام به ڏيندو. ملاقات دوران لانگ مارچ ۽ استعيفائن جي حوالي سان به صلاح مشورا ڪيا ويندا. واضح رهي ته شهباز شريف ۽ آصف علي زرداري مفاهمتي پاليسي جي حوالي سان ڪافي هڪ جهڙائي رکن ٿا

Read Previous

صدر عارف علوي زيادتي واقعن جي روڪٿام واري آرڊيننس جي منظوري ڏئي ڇڏي

Read Next

اسان جون استعيفائون حڪومت لاءِ ايٽم بم ثابت ٿينديون: بلاول ڀٽو زرداري

Most Popular