اسان جون استعيفائون حڪومت لاءِ ايٽم بم ثابت ٿينديون: بلاول ڀٽو زرداري

لاهور:   پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 31 ڊسمبر تائين سمورا ميمبر پنهنجون استعيفائون جمع ڪرائي ڇڏيندا. اسان جا استعيفيٰ ايٽم بم ثابت ٿيندا. ڪوٽ لکهپت جيل ۾ قيد مسلم ليگ(ن) جي صدر ميان شهباز شريف سان ملاقات کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته عوام مهانگائي جي سونامي ۾ ٻڏي رهيو آهي پر وزيراعظم صرف فيس بڪ ۽ ٽوئٽر تي ئي خوش رهندو آهي. پي ڊي ايم جي جدوجهد حقيقي جمهوريت جي بحالي لاءِ آهي. بلاول چيو ته ميان شهباز شريف پهرين ڏينهن کان ئي حڪومت کي ڳالهين جي دعوت ڏني پر کيس جيل ۾ وڌو ويو. مخالف ڌر جي اڳواڻ کي جيل ۾ رکڻ جمهوريت جي خلاف آهي. مخالفن کي جيلن ۾ وجهي ملڪ ناهن هلندا. مون جلسي کان اڳ ئي چيو هو ته شهباز شريف سان به تعزيت ڪرڻ ويندس. هي هڪومت ايتري ڪريل آهي جنهن شهباز شريف جي امڙ جي لاڏاڻي تي به سياست ڪئي. بلاول چيو ته جڏهن وزيراعظم ۽ اسپيڪر ڪٺ پتلي هجي ته پوءِ ڪٿي ڳالهيون ٿينديون. قومي اسيمبلي جو اسپيڪر ته اپوزيشن جي ميمبرن کي ڳالهائڻ جي اجازت به نٿو ڏئي. کنڊ، اٽي، پيٽرول ۽ گيس بحران تي پارليامينٽ ۾ ڪابه بحث ناهي ٿيندي. بلاول ڀٽو هڪ دفعو ٻيهر پنهنجو اعلان ورجائيندي چيو ته نااهل حڪمرانن جي لاءِ 31 جنوري جي ڊيڊ لائن آهي. وزيراعظم استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. حڪومت ۾ نظام هلائڻ جي اهليت ناهي. اسان ملڪ کي ڪرائسز مان ڪڍيو آهي. حڪومت ضد ۽ ذاتي انا سبب ملڪ کي نقصان پهچائي رهي آهي.  هن وڏي دعويٰ ڪئي ته پي ڊي ايم ۾ ڪابه ڏار نٿي پئجي سگهي. اسان اهڙي ڪنهن به ڪوشش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين وزيراعظم کي مجبور ٿي پنهنجي ڪرسي کي ڇڏڻو پوندو. پ پ چيئرمين چيو ته اڄ اسان جي معيشت افغانستان کان به پوئتي آهي. ڇا اسان جي قسمت ۾ اهوئي لکيل آهي ته غريب کي غريب ئي رهڻو آهي. ملڪ ۾ قيادت جي کوٽ آهي. نااهل وزيراعظم هر معاملي تي ملڪ کي نقصان پهچايو آهي. وزيراعظم پنهنجي ڪرسي کي بچائڻ جي لاءِ ادارن کي تڪراري بنائي رهيو آهي.

Read Previous

بلاول ڀٽو شهباز شريف سان ملاقات لاءِ ڪوٽ لکهپت جيل روانو ٿي ويو

Read Next

وزيراعظم ڪڏهن به استعيفيٰ نه ڏيندو: شاهه محمود قريشي

Most Popular