صدر عارف علوي زيادتي واقعن جي روڪٿام واري آرڊيننس جي منظوري ڏئي ڇڏي

عارف علوي

اسلام آباد:   صدر ڊاڪٽر عارف علوي زيادتي جي واقعن جي روڪٿام واري آرڊيننس 2020 جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.  آرڊيننس سان عورتن ۽ ٻارن جي خلاف جنسي زيادتي جي معاملن کي جلد اڪلائڻ ۾ مدد ملندي. جنسي زيادتي جي جوابدارن کي  تڪڙي ٽرائل ۽ ڪيسز کي جلد کان جلد اڪلائڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ خاص عدالتون قائم ڪيون وينديون ۽ خاص عدالتون 4 مهينن جي اندر جنسي ازيادتي جي ڪيسن کي اڪلائينديون. آرڊيننس تحت وزيراعظم عمران خان جنسي زيادتي جي روڪٿام واري ڪرائسس سيلز جو قيام عمل ۾ آڻيندو. اهو سيل 6 ڪلاڪن جي اندر متاثر ماڻهن جو ميڊيڪو ليگل معائنو ڪرڻ جو مجاز هوندو. جڏهن ته قومي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهيندڙ اداري نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي(نادرا) جي مدد سان قومي سطح تي جنسي زيادتي جي ڏوهارين جو رجسٽر تيار ڪيو ويندو. آرڊيننس تحت جنسي زيادتي جي متاثرين جي سڃاڻپ ظاهر ڪرڻ تي پابندي لڳائيندي ان عمل کي سزا جوڳو ڏوهه قرار ڏنو ويو.

Read Previous

سکر: شهر جي واپاري کي اڻ ڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل جوابدار فرار

Read Next

بلاول ڀٽو شهباز شريف سان ملاقات لاءِ ڪوٽ لکهپت جيل روانو ٿي ويو

Most Popular