سيد غلام حيدر شاھ قلندري.
ڪجهه وقت کان ٻن گدڙن جي چڱي خاصي دوستي ھلڻ لڳي، ھڪ ڏينھن ھنن گڏجاڻي ڪوٺائي ان ۾ ھڪ لومڙي کي صلاح مصلحت لاءِ ھڪ بگھڙ کي مھمان خاص طور مدعو ڪيو ويو، حال احوال ٿيندا رھيا ھر ڪنھن پنھجا راز نياز ۽ سور ٻڌايا ته وقت تبديل ٿي ويو آھي شڪار ڪرڻ مشڪل کان مشڪل ٿيندو پيو وڃي، بگھڙ کي اڳي ئي کان باھ ھئي اندر ۾ انھن کي پنھجي افعالن جي ڪري پنھجي ساٿين بـه ڪڍي ڇڏيو ھو، ھو تمام گھڻي جلدي ۾ ھو تـه بگھڙن سان گڏ نه ئي سھي پر ھن ٽولي جي محبت ۾ اچي ڪجهه جھان کي اڳتي ھلائيان، ويو تـه ٿي صفا ناڪارن مان آھيان، ھو ھر ڳالهه ۾ بنا سوچي سمجھي ھا ۾ ھا ملائي رھيو ھو، وڏو گدڙ جيڪو لومڙي جي ڀاڱي ڀائيواري ۾ ان جي صلاح سان بچيل کاڌو کائڻ جو حيراڪ ھو، پر ڪجهه وقت کان ھن کي ڪنھن شينھن جي صحبت نصيب ٿي، انھيءَ جي جاءِ جلال ۽ دٻدٻي کان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ اندر ۾ پاھ پچائيندو رھيو ته گدڙ مان شينھن ڪيئن ٿجي ۽ ائين شينھن واريون گجگورڙون ۽ روب ۽ ھڪلون سکجن ۽ سڄي جھنگ تي بادشاھي ۽ حڪمراني ڪري پنھجا حڪم ھلائجن، انھن سوچن ھن کي ڏاڍو برغلايو، ھي ھر وقت اھا نقل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هو، پر چوندا آھن ته نسل ته لڪيو ڪونه رھي ۽ عادتون به ڇٽن ڪو نه ٿيون، ھن جھوني ۽ پنهنجي ساٿي گدڙ کان پڇيو تون ڪا خبر ٻڌائي، ھن وڏا شوڪارا ڀري اندر واري ڳالهه ٻڌائڻ شروع ڪئي، دوست نه پڇ آئون بـه ائين تو وانگر سوچيندو ھئس ۽ ڪجهه وقت ڪامياب به ويس، شينھن جھڙو بدن ۽ ويس اختيار ڪرڻ لاءِ ھڪ رنگريز کٽي سان دوستي به رکيم، ھن منھجي بدن تي رنگ شينھن وارا چٽيا ڏاڍا مزا ڪيم، ھڪ رڍن جي ڌڻ جانچيم انھن جا ٻچڙا چونڊي چونڊي پئي کاڌم، اوچتو وقت مٽيو ان جي پھريداري شينھن ڪرڻ لڳو، جيتوڻيڪ مونکي ڪا جھل پل ڪا نه ھئي، پر ھڪ ڏينھن شينھن پنھنجو ھم شڪل سمجھي شينھن وارو ھٿ ملايو دوست نـه پڇ، سچ جي سمجھين مون وارو پيشاب نڪري ويو ۽ گدڙ واري اصلي اونائي نڪري وئي ۽ ظاھر ٿي وٺي ڀڳس ۽ تنھجي ٽولي سان مليس، شينھن ويچاري ته منھجو نالو ئي ڪو نه ورتو فقط ايترو چيائين گدڙ جي اولاد! شينھن ٿيو پيو مال کائين، کلي ھليو ويو پر مونکي ڏڪڻي اڃا تائين بيھي ئي ڪانـه ٿي، ڪو ڏس ڏيو، لومڙي جيڪا ڏاھي انھي پنھجي جھوني گدڙ کي چيو ته ھن دوست کي ڀلي ساٿي ڪري رک آئون پنھجي ھوشياري ۽ دانائيءَ سان ڪا نه ڪا حڪمت عملي پئي جوڙينديس، باقي ھن بگھڙ کي رڳو نالي سان پيا ڪاھيندا، باقي جتان شينھن جا رستا آھن اتان ٻيلي مٺيون ڀيڙي ڀڄ.