خيرپور ناٿن شاهه ميونسپل ڪاميٽي جي برطرف ٿيل 144 ملازمن جو بحاليءَ لاء 77هين ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو

خيرپور ناٿن شاھ (آزاد اختر مشوري) خيرپور ناٿن شاهه ميونسپل ڪاميٽي جي برطرف ٿيل 144 ملازمن جو بحاليءَ لاء 77هين ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو, ميونسپل انتظاميا خلاف سخت نعريبازي, اسان جي جڳهه تي غير قانوني ڀرتيون ڪري اسان کي بيروزگار ڪيو ويو جنهن سبب اسان فاقاڪشي واري زندگي گهارڻ تي مجبور آھيان, (مظاهرين) خبر موجب ميونسپل ڪاميٽي جي برطرف ملازمن غلام قادر لنڊ، لطيف کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج رڪارڊ ڪرايو، ان موقعي تي سندن چوڻ ھو تہ اٺ سالن کان اسان کي نوڪرين تان بيگناهه لاٿو ويو جنهن ڪري اسان ٻچن سميت مفلسي طرف ڌڪجي ويا آھيون, ، ھنن الزام مڙھيندي چيو تہ ميونسپل ڪميٽي ڪي اين شاه جي عملدارن هڪ طرف سئو کان مٿي غير قانوني ڀرتيون ڪيون آھن، جڏھن ته اسين مسلسل سراپا احتجاج آھيون، پر ڪير به واھر ڪرڻ لاء تيار ناھي، ھنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته کين نوڪرين تي بحال ڪري پگهارون ڏنيون وڃن,

Read Previous

ڪارو منهن ڪتي جو رٻ اوتري ئي اوتري.

Read Next

ڪنڌرا: ڳوٺ ٺٽ جو گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ڳوٺاڻن پاران شاگردن جي لاء هاڄيڪار قرار اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ روز جو معمول بڻيل چوديواري مڪمل ڊهي پٽ پئجي وئي

Most Popular