ڪنڌرا: ڳوٺ ٺٽ جو گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ڳوٺاڻن پاران شاگردن جي لاء هاڄيڪار قرار اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ روز جو معمول بڻيل چوديواري مڪمل ڊهي پٽ پئجي وئي

ڪنڌرا (رپورٽر ) تعلقي روهڙي ۾ پڙهائي ۾ تمام سٺو نالو حاصل ڪيل ڳوٺ ٺٽ جو گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ڳوٺاڻن پاران شاگردن جي لاء هاڄيڪار قرار اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ روز جو معمول بڻيل چوديواري مڪمل ڊهي پٽ پئجي وئي اسڪول جي نئين سر تعمير جي گهر تفصيل موجب پوري تعلقي روهڙي ۾ پڙهائي جي حوالي سان ناميارو ليکيو ويندڙ اسڪول ڳوٺ ٺٽ ۾ واقع آهي تعليم جي حوالي سان ماضي ۾ جنهن جي نگراني زميندار مرحوم غلام رسول شاهه جي هوندي هئي ۽ هن وقت زميندار سيد بهادر علي شاهه جي نگراني هيٺ بهترين تعليم جي طرف گامزن آهي مگر ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي بي توجهي ۽ ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ هجڻ سبب هن وقت اسڪول تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪو آهي اسڪول جو ڪجهه حصو ڊهي پٽ پئجي ويو آهي ۽ ڪجھ حصو ڪرڻ جي قريب آهي ياد رهي ته شاگردن جي ڪلاسن کي هلائڻ جي لاءِ چار ڪمرا ٺهيل آهن جن مان ٻن ڪلاسن جي ڇت مڪمل ڪري پئي آهي باقي ٻن ڪلاسن ۾ پڙهائي هلندڙ آهي جتي شاگرد سڪون سان پڙهڻ جي بجاءِ ٻار بار هڪ جڳھ کان ٻي جڳھ طرف ويهڻ واريون بينچون ان خوف ۾ تبديل ڪرڻ ۾ رڌل رهن ٿا متان ڇت جا چاپڙ مٿان ڪري کين زخمي ڪري نه وجهن هتان جي ڳوٺاڻن نيشنل پريس ڪلب جي صحافين اڳيان وڌيڪ دانهيندي چيو ته هن اسڪول جي چوديواري به وڏي عرصي کان ڊهي پئي آهي ايجوڪيشن کاتي جا آفيسر ڪيترائي دفعا معائنو به ڪري ويا آهن پر هتان واپس وڃڻ کانپوءِ ڏٺي کي اڻ ڏٺو ڪري وساري ٿا ڇڏين ڄڻ هو هن معاملي کان بي خبر هجڻ هنن تعليم کاتي جي سيڪريٽري ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته ڳوٺ ٺٽ جي اسڪول جي نئين سري کان تعمير ڪرائي ڏني وڃي جيئن شاگرد سڪون سان پنهنجي تعليم کي جاري رکي سگهن

Read Previous

خيرپور ناٿن شاهه ميونسپل ڪاميٽي جي برطرف ٿيل 144 ملازمن جو بحاليءَ لاء 77هين ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو

Read Next

سنڌ جي اندر ڪلهوڙا عبادي برادري کي متحد ۽ منظم ڪرڻ واسطي ڏينهن رات ڪوششون ڪنداسين

Most Popular