سنڌ جي اندر ڪلهوڙا عبادي برادري کي متحد ۽ منظم ڪرڻ واسطي ڏينهن رات ڪوششون ڪنداسين

مورو رپورٽر محمد انيس ڪلھوڙو سنڌ جي اندر ڪلهوڙا عبادي برادري کي متحد ۽ منظم ڪرڻ واسطي ڏينهن رات ڪوششون ڪنداسين ، تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾ خدمت پڻ ڪئي وئي اهڙن خيالن جو اظهار سعد الله ڪلهوڙو وصدر انجمن اتحاد عباسيه سنڌ جي صدر تقريب کي خطاب ڪندي چيو ، گذريل ڏينهن انجمن اتحاد عباسيه حيدرآباد ڊويزن جي عهديدارن جي رسم حلف برادري تقريب ڪائنات ننگر حيدرآباد ۾ ٿي گذري جنهن ۾ ڊويزن حيدرآباد جي عهديدارن کي قسم کڻايو ويو جنهن ۾ صدر بدر عباسي ، مولا بخش ڪلهوڙو، نهال عثمان عباسي، نثار احمد عباسي پنهنجي عهدن جو قسم کنيو هن موقعي تي سرپرست اعليَ محمد نواز عباسي، بشير احمد عباسي، ڊاڪٽر آڪاش عباسي پڻ خطاب ڪيو.سعد الله ڪلهوڙو آخر ۾ صدارتي تقرير ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ڪلهوڙا عباسي برادري اندر سماجي ڪمن ڪارين کي هٿي وٺرائي ويندي ، تعليم جي شعبي ذهين ۽ هوشيار غريب ٻارن کي اسڪالر شپ ڏياري ويندي ۽ صحت جي شعبي ۾ پڻ خدمتون ڏنيون وينديون هن چيو ته نوجوان سرڪاري ملازمت بدران ڪاروبار جي دنيا ۾ اڳتي اچن جيئن معاشي ترقي ڪري سگهن هن آخر ۾ سنڌ سرڪار کان گهر ڪئي ته ڪلهوڙا دور جي حڪمران ميان نور محمد ڪلهوڙي جي مقبرن جي مرمت ڪرائي وڃي.

Read Previous

ڪنڌرا: ڳوٺ ٺٽ جو گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ڳوٺاڻن پاران شاگردن جي لاء هاڄيڪار قرار اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ روز جو معمول بڻيل چوديواري مڪمل ڊهي پٽ پئجي وئي

Read Next

ھيومن رائيٽس يونٽي فائونڊيشن پاڪستان جي عهديدارن ۽ ميمبرن طرفان ايڊووڪيٽ ۽ اڳواڻي ۾ ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي صاحب سان ملاقات ڪئي وئي

Most Popular