ھيومن رائيٽس يونٽي فائونڊيشن پاڪستان جي عهديدارن ۽ ميمبرن طرفان ايڊووڪيٽ ۽ اڳواڻي ۾ ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي صاحب سان ملاقات ڪئي وئي

خيرپور(ڊر ) ھيومن رائيٽس يونٽي فائونڊيشن پاڪستان جي عهديدارن ۽ ميمبرن طرفان ايڊووڪيٽ الاھي بخش ميتلو(مرڪزي چيئرمين) ،عبدالمجيد میتلو(مرڪزي سيڪريٽري جنرل) ، آپا زبيده گهانگهرو(مرڪزي نائب صدر) ، عظيمہ خاصخيلي(صوبائي صدر ليڊيز ونگ سنڌ) ، محمد وسيم ميتلو(صوبائي انفارمیشن سيڪريٽري سنڌ) . جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي صاحب سان ملاقات ڪئي وئي، ملاقات دوران ايس ايس پي خيرپور کي سنڌي ٽوپي اجرڪ، پڻ پهرايو ويو، ۽ ھيومن رائيٽس يونٽي فائونڊيشن پاڪستان جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي ھيومن رائيٽس يونٽي فائونڊيشن پاڪستان جي عهديدارن ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان جي تنظيم هر ڏکي انسان ۽ بي پنهنچ بي سهارا لاچار مظلوم غريبن انسانن جي خدمت ڪري آواز بڻجي انهن جي مدد ڪرڻ لاءِ هميشه تيار رهندا آھيون. مدد ڪرڻ پهچي ويندا آهيون، اسان کان جيترو ٿي سگهندو آهي ڪندا آھيون. ڇو جو اسان جو مقصد انسانيت جي خدمت ڪرڻ آهي، اگر ڪوئي بلڪل غريب. مسڪين ماڻهو آهي ۽ ان جو ڪيس ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي ته اسان جي تنظيم جي لائرس ونگ ان جو ڪيس بلڪل فري ۾ وڙهندي آهي، ۽ اسان جي ليڊيز ونگ به خاص ڪري مظلوم عورتن کي درپيش مسئلن بابت آگاهي ۽ انصاف ڏيارڻ لاءِ سڀني کان اڳتي وڌي ڪري ڪم ڪري رهي آهي. پاڪستان ۾ ڪنهن به جڳهه تان مظلوم جو آواز ايندو آهي ته ان جو ڏک اسان جي هر عهديدارن کي محسوس ٿيندو آهي.ايس ايس پي خيرپور هيومن رائيٽس يونٽي فائونڊيشن پاڪستان جي عهديدارن ۽ ميمبرن کي مخاطب ڪندي چيو ته ھيومن رائيٽس يونٽي فائونڊيشن پاڪستان تمام بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي پنهنجو ڪم ايمانداري سان ڪري رهي آهي، جيتري به تعريف ڪجي گهٽ آهي.ايس ايس پي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته توهان عورتن ۽ ٻارڙن تي ٿيندڙ جسماني تشدد جي حوالي سان پنهنجي پليٽ فارم تان آواز اٿاريو، ۽ عوام کي آگاهي ڏيو، پنهنجي هر ايڪٽوٽيز ۾ ان موضوع تي عام شهرين کي آگاهي ڏيو، پنهنجي وڊيو پيغام جي ذريعي شهرين کي پاڪستان جي قانون جي مدد وٺندي قانون جي سزا جي باري ۾ معلومات ڏني وڃي. تہ جيئن شهري پاڻ سان ٿيندڙ زيادتين خلاف قانون مطابق سهي نموني فائدو وٺي سگهن.ايس ايس پي سان ملاقات جي موقعي تي عبدالخالق منڱريو، ايڊووڪيٽ زينب بلوچ، عبدالله ميتلو. محمد يوسف ناڙيوال، مجيب الرحمان سرخي، صحافي فهيم احمد ميتلو،صحافي فرحان ميتلو،۽ ٻيا عهديدار ۽ ميمبر شامل هئا

Read Previous

سنڌ جي اندر ڪلهوڙا عبادي برادري کي متحد ۽ منظم ڪرڻ واسطي ڏينهن رات ڪوششون ڪنداسين

Read Next

ڪشمور : اسلامي جمعيت طلبہ ضلع ڪشمور جي ڪارڪنن طرفان انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد ۾ قتل ٿي ويل نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِاحتجاجي ريلي

Most Popular