قاضي احمد : هڪ مهينو اڳ قاضي احمد ۾ سوشل ميڊيا تي فيڪ آءِ ڊي واري مامري تان ٻگهيا ۽ گبول برادري وچ ۾ هلندڙ تڪرار جي نبيري لاء ٻنهي ڌرين وچ ۾ ٿيل جرڳي تي عمل نه ٿي سگهيو

قاضي احمد رپورٽ علي نواز جتوئي : هڪ مهينو اڳ قاضي احمد ۾ سوشل ميڊيا تي فيڪ آءِ ڊي واري مامري تان ٻگهيا ۽ گبول برادري وچ ۾ هلندڙ تڪرار جي نبيري لاء ٻنهي ڌرين وچ ۾ ٿيل جرڳي تي عمل نه ٿي سگهيو ايس ايس پي نواب شاهه تنوير تنيو جي هدايتن تي قاضي احمد سان تعلق رکندڙ اڳوڻي يوسي ناظم بهار خان مري جي سرپئنچي هيٺ ٿيل نبيري دوران ڏنل فتوا تي هڪ ڌر عمل نه ڪيو جرڳي ۾ الزام هيٺ آيل ٻگهيا برادري مٿان صفائي ڏيڻ لاءِ ساک ڏيڻ جي فتويٰ جاري ڪئي ويئي هوئي نواب شاھ جي علائقي ديھ 17 داد جي ڳوٺ حاجي عبدالله گبول ۽ ڳوٺ حاجي عبدالوحيد ٻگهيو سان تعلق رکندڙ گبول ۽ ٻگهيا برادري وچ ۾ ھلندڙ تڪرار جي نبيري لاء هڪ مهينو سوشل ميڊيا تي فيڪ آئيڊيز ذريعي غير اخلاقي پوسٽون رکڻ واري مامري جو جرڳو اڳوڻي يونين ڪائونسل ناظم رئيس بھار خان مري جي سرپئچي ۾ ٿيو ھو . ان دوران ٻنهي ڌرين جي چڱن مڙسن ۽ برادري جي ماڻهن شرڪت ڪئي هوئي جرڳي ۾ الزام هيٺ آيل ڌر ٻگهيا برادري مٿان صفائي ڏيڻ لاء ساک ڏيڻ جي فتوا جاري ڪئي وئي هوئي پر هڪ مهينو گذري وڃڻ جي باوجود فيصلي تي عمل نه ٿيڻ ۽ الزام هيٺ آيل ڌر ساک نه ڏيڻ بعد ٻنهي ڌرين ۾ تڪرار ٻيهر ڪر کنيو آھي جهيڙندڙ ڌرين وچ ۾ ڇڪتان ۽ خونريزي جو خدشو وڌڻ لڳو آھي هوڏانهن مذڪوره مامري تي جرڳي جي سرپينچ بهار خان مري پنهنجي جاري ڪيل ليٽر ۾ ڄاڻايو آھي ته الزام هيٺ آيل ڌر فيصلي جي ڏنل فتوا تي هن محل تائين عمل ناهي ڪيوهوڏانهن گبول برادري سان تعلق رکندڙ حاجي ماجد گبول چيو آھي ته فيصلي تي عمل نه ٿيڻ تي ڇڪتاڻ جي ذميوار اڳئي مخالف ڌر آھي هن ايس ايس پي بينظيرآباد کان گهر ڪئي ته فوري طور تي هن مامري جو نوٽيس وٺي خوني جهيڙي کي روڪيو وڃي

Read Previous

ڳڙھي خيرو جو دورو مختلف برادرين پاران پيپلز ھاري ڪميٽي ۾ شموليت جو اعلان

Read Next

ڪشمور جي ٽائون ملازمن نثار کهڙو کي روڪي گاڏي اڳيان احتجاج ڪيو ويو

Most Popular