ڪشمور جي ٽائون ملازمن نثار کهڙو کي روڪي گاڏي اڳيان احتجاج ڪيو ويو

ڪشمور(رپورٽ اعجاز احمد چنہ )ڪشمور جي ٽائون ملازمن نثار کهڙو کي روڪي گاڏي اڳيان احتجاج ڪيو ويو.
چئن مهينن کان پگهارون نه ملندڙ ملازمن سڪل مانيون ڳچي ۾ وجهي احتجاج ڪيوٽائون آفيسر چئن مهينن کان بلاجواز پگهارون بند ڪيون آهن، گهرن ۾ فاڪاڪشي جي صورتحال آهي: ملازم جاچ ڪري اوهان جو مسئلو حل ڪندس: پ پ صوبائي صدر جي يقين ڏيارڻ بعد ملازمن احتجاج ختم ڪيوخبرموجب: ڪشمور جي ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن پ پ صوبائي صدر نثار احمد کهڙو جي گاڏي روڪي پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو. ملازمن پ پ اڳواڻ جانثار قادر نصيراڻي، چاڪر سولنگي، محمد حيات ملڪ، شيرو جکراڻي، عاشق ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڳچي ۾ سڪل مانيون وجهي نثار کهڙو جي گاڏي اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته ٽائون آفيسر ۽ ايڊمنسٽريٽر گذريل چئن مهينن کان بلاجواز اسان جون پگهارون بند ڪري ڇڏيون آهن. پنهنجي من پسند ماڻهن کي پگهارون ڏنيون پيون وڃن. چئن مهينن کان گهرن ۾ فاڪاڪشي واري صورتحال آهي. هڪ مهينو اڳ پ پ ضلع صدر مير گل محمد خان جکراڻي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب پهچي پگهارون جاري ڪرڻ جو يقين ڏياريو هو جنهن تي هن وقت تائين عمل نه ٿي سگهيو آهي. ٽائون آفيسر ۽ ايڊمنسٽريٽر پ پ جي منشور جي ابتڙ اسان کي بيروزگار ڪرڻ جي سازش ڪري عوام ۾ پ پ جي ساک کي متاثر ڪري رهيا آهن. جنهن تي پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو ٽائون ملازمن کي يقين ڏياريو ته جلد اوهان جي پگهارن جو مسئلو حل ڪرايو ويندو. ان موقعي تي نثار کهڙو جي نجي ڪپڙا پهريل هٿياربندن ٽائون ملازمن کي ڌڪا پڻ ڏنا.

Read Previous

قاضي احمد : هڪ مهينو اڳ قاضي احمد ۾ سوشل ميڊيا تي فيڪ آءِ ڊي واري مامري تان ٻگهيا ۽ گبول برادري وچ ۾ هلندڙ تڪرار جي نبيري لاء ٻنهي ڌرين وچ ۾ ٿيل جرڳي تي عمل نه ٿي سگهيو

Read Next

آرمي پبلڪ اسڪول پشاور سانحي جي شهيدن جي ياد ۾ سانگهڙ شهر جي سماجي اڳواڻن پاران ڀيٽا پيش ڪئي وئي

Most Popular