آرمي پبلڪ اسڪول پشاور سانحي جي شهيدن جي ياد ۾ سانگهڙ شهر جي سماجي اڳواڻن پاران ڀيٽا پيش ڪئي وئي

سانگهڙ( رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي) آرمي پبلڪ اسڪول پشاور سانحي جي شهيدن جي ياد ۾ سانگهڙ شهر جي سماجي اڳواڻن پاران ٻه الڳ الڳ تقريبون انٽرنيشنل ھيومن رائيٽس فائونڊيشن پاران ميڻ بتيون ٻاري شھيد ٻارڙن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي ۽ سماجي اڳواڻن عامر راجپوت راجيش ڪمار ھرداساڻي عبدالغفور خاصخيلي، عبدالحيفظ يوسف زئي،گلو ڀٽي پاران پريس ڪلب سانگهڙ آڏو ريلي ڪڍي وئي ان موقعي تي ھنن چيو ته اسين آرمي پبلڪ اسڪول جي شاگردن کي وساري نه سگهيا آهيون انھن جي عظيم قرباني سبب اڄ ملڪ مان دھشتگردي جو خاتمو آندو ويو اسين پاڪ فوج کي سلام پيش ڪيون ٿا جنهن ملڪ ۾ امن امان قائم ڪيو

Read Previous

ڪشمور جي ٽائون ملازمن نثار کهڙو کي روڪي گاڏي اڳيان احتجاج ڪيو ويو

Read Next

نوجوانن کي پنھنجي حوصلي ۽ همت سان اڳتي اچڻ گهرجي ۽ پنهنجي پوري صلاحيتن سان خدمت جو جذبو کڻي ميدان عمل ۾ سرخرو ٿي ڏيکارجي : سنڌ جاڳرتا فورم جي سرپرست

Most Popular