نوجوانن کي پنھنجي حوصلي ۽ همت سان اڳتي اچڻ گهرجي ۽ پنهنجي پوري صلاحيتن سان خدمت جو جذبو کڻي ميدان عمل ۾ سرخرو ٿي ڏيکارجي : سنڌ جاڳرتا فورم جي سرپرست

سڪرنڊ رپوراڪبرملاح: سنڌ جاڳرتا فورم جي سرپرست اعلي حسين بخش ڪيريو چيو آھي ته نوجوانن کي پنھنجي حوصلي ۽ همت سان اڳتي اچڻ گهرجي ۽ پنهنجي پوري صلاحيتن سان خدمت جو جذبو کڻي ميدان عمل ۾ سرخرو ٿي ڏيکارجي، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جاڳرتا فورم سنڌ جي انهن ماڻھن کي مڃتا ڏيندي رهي ٿي جيڪي پنهنجي سچائي ۽ ايمانداري سان معاشري جي خدمت ڪن پيا پر زماني جي نظرن کان اوجھل آھن حسين بخش ڪيريو اميد ڏيکاريندي چيو ته اڄ جيڪي نوان عھديدار چونڊيا ويا آھن اهي پنهنجي تنظيمي ذميوارين کي محسوس ڪندي اڳتي وڌي هڪ ٻئي سان سھڪاري ٿي پنهنجو بهتر ڪردار ادا ڪندا رهندا، ان موقعي تي سنڌ جاڳرتا فورم جي نئين سال لاء چونڊ، اليڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين قربان علي چوهاڻ، ميمبرن اسد علي عمراڻي ۽ نديم منگي جي سرپرستي ۾ ٿي جنهن ۾ سنڌ جاڳرتا فورم جو چيئرمين مشتاق ماڃوٺو، سينيئر وائس چيئرمين گلبھار ٻگھيو، جنرل سيڪريٽري صيفل ڪيريو، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري محمد خان عرف پپو ماڃوٺو، ماليات سيڪريٽري نديم منگي ۽ پريس سيڪريٽري عبدالوهاب سولنگي چونڊيا ويا، نئين باڊي کي سابق چيئرمين ڊاڪٽر ميرمحمد حسيني حلف کڻايو۔

Read Previous

آرمي پبلڪ اسڪول پشاور سانحي جي شهيدن جي ياد ۾ سانگهڙ شهر جي سماجي اڳواڻن پاران ڀيٽا پيش ڪئي وئي

Read Next

ڪرپشن جا پئسا بچائڻ لاءِ سڀ چور گڏ ٿيا آهن، کين اين آر او نه ملندو: شهباز گل

Most Popular