ڪرپشن جا پئسا بچائڻ لاءِ سڀ چور گڏ ٿيا آهن، کين اين آر او نه ملندو: شهباز گل

پشاور:  شهباز گل چيو آهي ته ماضي جي حڪمرانن نه صرف ملڪ کي لٽيو پر ڪرپشن بچائڻ لاءِ سڀ چور گڏ ٿي ويا آهن. کين اين آر او نه ملندو. فضل الرحمان ۽ محمود اچڪزئي جا تڪراري بيان مذمت جوڳا آهن.  رپورٽ موجب خاص  مددگار شهباز گل ڪامران بنگش سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته ماضي جي حڪمرانن ملڪ کي لٽيو، عمران خان  اڳ ئي چيو هو ته ايڪشن کڻندس ته هي سڀ چور گڏ ٿي ويندا. اپوزيشن وٽ ڪوبه جواز ناهي هو صرف اين آر او چاهين ٿا، اين آر او نه ملڻ سبب اپوزيشن مايوسي جو شڪار آهي.  فضل الرحمان پشتونن لاءِ غلط لفظ استعمال ڪيا. محمود اچڪزئي پنجاب ۾ وڃي پنجابين کي زخم ڏنو. ڪرپشن جو خاتمو ۽  قانون سڀني لاءِ هڪ جهڙو هجڻ وزيراعظم جو مشن آهي. شهباز گل چيو ته پي ڊي ايم ۾ 70 سيڪڙو کنڊ چور شامل آهن. پهرين لهر ۾ اپوزيشن ڪورونا پکيڙي حڪومت ڪيرائڻ چاهي ٿي. ٻئي لهر ۾ اپوزيشن معيشت تباهه ڪري حڪومت ختم ڪرڻ چاهي ٿي.  ڪورونا جي باوجود معيشت بحالي  واري رستي تي تيزي سان گامزن آهي. شهباز گل آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شهيدن جي ورسي جي حوالي سان چيو ته اي پي ايس جي شهيدن کي اسان ڪڏهن به وساري نٿا سگهون. قوم اڄوڪو ڏينهن ڪڏهن به نٿي وساري سگهي. اهڙا ڏينهن ايندا آهن جنهن سان قومن جي تاريخ بدلجي ويندي آهي. ترقي جي رستي ۾ شهيدن جون قربانيون ڪڏهن به وساري نٿيون سگهجن. اي پي ايس سانحي مشڪل وقت ۾ قوم کي گڏ ڪيو.

Read Previous

نوجوانن کي پنھنجي حوصلي ۽ همت سان اڳتي اچڻ گهرجي ۽ پنهنجي پوري صلاحيتن سان خدمت جو جذبو کڻي ميدان عمل ۾ سرخرو ٿي ڏيکارجي : سنڌ جاڳرتا فورم جي سرپرست

Read Next

اي پي ايس سانحي کان پوءِ سموري قوم گڏجي دهشتگردي کي شڪست ڏني: عمران خان

Most Popular